Book Name:Iman Ki Hifazt
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ حَقَّ تُقٰتِهٖ وَ لَا تَمُوْتُنَّ اِلَّا وَ اَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ(۱۰۲)
(پ۴،اٰل عمران :۱۰۲)
تَرجموڪنز الايمان: اي اِيمان وارؤ! اللہ کان ڊِڄو جيئن اُن کان ڊِڄڻ جو حق آھي ۽ اوھان مُسلمان ٿِي ئِي مَرو
بيان ڪيل آيت جي آخري حصي ۾ فرمايو ويو آهي ته اسلام تي ئي توهان
کي موت اچي۔ هن مان مراد هي آهي ته پنهنجي طرفان زندگي جي هر گھڙي ۾ اسلام تي ئي رهڻ جي ڪوشش ڪريو ته جيئن جڏهن توهان کي موت اچي ته اسلام جي حالت تي ئي اچي۔ (صراط ُالجنان،۲/۲۰)
حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آيتِ مبارڪه جي تحت فرمائن ٿا: هن مان معلوم ٿيو ته اسلام تي خاتمي ٿيڻ جو اعتبار آهي جيڪڏهن سڄي عمر مومن رهي، مرڻ وقت ڪافر ٿي وڃي ته اهو اصلي ڪافر وانگر آهي.
اها ڳالھ به ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته جن جو خاتمو ايمان تي ناهي ٿيندو يعني مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ جيڪي ماڻهو ڪفر جي حالت ۾ هن دنيا مان ويندا، بروزِ قيامت انهن کي سخت تڪليفن ۽ عذابن کي منهن ڏيڻو پوندو، اهڙا ماڻهو دنيا ۾ اللہ پاڪ ۽ ان جي ملائڪن جي لعنت جا حقدار هوندا آهن ۽ آخرت ۾ اهڙن ماڻهن جو ٺڪاڻو جهنم (Hell) هوندو، جيئن سيپارو 2 سُوْرَۃُ الْبَقَرَه جي آيت نمبر 161 ۾ ارشاد آهي:
اِنَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ مَاتُوْا وَ هُمْ كُفَّارٌ اُولٰٓىٕكَ عَلَیْهِمْ لَعْنَةُ اللّٰهِ وَ الْمَلٰٓىٕكَةِ وَ النَّاسِ اَجْمَعِیْنَۙ(۱۶۱)
(پ ۲،البقرۃ،آيت:۱۶۱)
تَرجموڪنز الايمان: بيشڪ اُهي جن ڪُفر ڪيو ۽ ڪافِر ٿِي مُئا، اُنهن تي لعنت آھي اللہ ۽ ملائڪن ۽ مڙنِي ماڻُھن جِي
تفسير”صراطُ الجنان“ ۾ آهي: سڀ کان بدبخت انسان ڪفر تي مرڻ وارو آهي توڙي جو ان جي سڄي زندگي اعليٰ درجي جي عبادت و رياضت ۽ تبليغ و خدمتِ دين ۾ گذري هجي۔ ڪفر تي مرڻ وارن تي اللہ پاڪ جي، ملائڪن جي ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي۔ ۽ هن آيت مان معلوم ٿيو ته مرڻ گھڙي ايمان جي دولت کان محروم رهجي وڃڻ سڀ کان وڏي بدبختي آهي ۽ ان وقت ايمان جو سلامت رهڻ