Book Name:Iman Ki Hifazt
اسان کي پنهنجي ايمان جي حفاظت ڪرڻ وارا اسباب اختيار ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.آمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
چنڊ رات جي مدني قافلن جي ترغيب
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رمضان جومهينو هاڻي ڪجهه ڏينهن جو مهمان رهجي ويو آهي ۽ عنقريب اسان کان رخصت ٿيڻ وارو آهي. پوءِ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عيد الفطر جي آمد آمد ٿيندي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هرسال ڪثير معتڪفين ۽ ٻيا عاشقانِ رسول”پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش“ جي مقدس جذبي سان سرشار ٿي چنڊ رات جو مدني قافلن جا مسافر بڻجندا آهن، تنهڪري همت ڪيو ۽ چنڊ رات کان سفر ڪرڻ وارن خوش نصيب عاشقانِ رسول سان مدني قافلن جي لاءِ هاڻي کان نيت ڪري وٺو، پنهنجي ذميدارن سان رابطو ڪيو ۽ مدني قافلن جي لاءِ پنهنجو نالو لکرايو بلڪ ممڪن هجي ته هٿ و هٿ سفر ڪرڻ جا اخراجات به جمع ڪرائي ڇڏيو، اللہ ڪريم اسان کي چنڊ رات جو مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي. آمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
فيضانِ مدني قافلو! جاري رهندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـهعَزَّوَجَلَّ
فيضانِ مدني قافلو! جاري رهندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـهعَزَّوَجَلَّ
فيضانِ مدني قافلو! جاري رهندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـهعَزَّوَجَلَّ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي اچو! ايمان جي حفاظت جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان هڪ (1)فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو۔ ارشاد فرمايائون: انهن فتنن کان پهريان نيڪ عملن جي سلسلي ۾ جلدي ڪريو! جيڪي انڌيري رات جي حِصّن جيان هوندا۔ هڪ انسان صُبح جو مومِن هوندو ۽ شام جو ڪافِر هوندو