Book Name:Iman Ki Hifazt
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي شعبن جومُختصر تعارُف
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جتي سُنّتن جي تربيت ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪري رهي آهي اتي ڪم وبيش 104شعبن ۾ مَدَني ڪم ڪري رهي آهي، هن سمورن شُعبن کي هلائڻ جي لاءِ ڪروڙين نه بلڪه اربين روپين جي اَخراجات جي ضرورت پوندي آهي، مُلڪ وبيرونِ مُلڪ دعوتِ اسلامي تحت ڪم وبيش 546 (پنج سو ڇائتاليھ) جامعاتُ المدينه (للبنين وللبنات) قائم آهن جن ۾ ڪم و بيش،40109 (چاليھ هزار هڪ سو نون)، شاگرد ۽ شاگردياڻيون درسِ نظامي ڪري رهيون آهن، ملڪ و بيرونِ ملڪ تقريباً 2761 (ٻه هزار ست سو اِيڪهٺ) مدرسةُ المدينه (للبنين وللبنات) به قائم آهن، جن ۾ ڪم وبيش 128413 (هڪ لک اٺاويھ هزار چار سو تيرهن) مدَني مُنّا ۽ مدَني مُنّيون حِفظ ۽ ناظره جي مُفت تعليم حاصل ڪري رهيون آهن۔ هن سال دعوتِ اسلامي جي مدارس المدينه جي ڪم و بيش 17171 (سترهن هزار هڪ سو اِيڪهتر) حافظ سڳورا، تراويح ۾ مُصلّٰي (قرآنِ ڪريم) ٻُڌڻ ٻڌائڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهن، مدني چينل جيڪو بيشُمار مسلمانن جي اِصلاح ۽ ڪافرن جي قَبولِ اسلام جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ هن جي ذريعي لکين عاشقانِ رسول عِلْمِ دِين سان مالا مال ٿي رهيا آهن، مدني چينل تي رَمَضانُ المُبارَڪ ۾ بعدِ عصر وبعدِ تراويح روزانو 2 ڀيرا ۽ رَمضان جي علاوه هر هفتي مدني مذاڪرو براه راست (Live) نشر ڪيو ويندو آهي، پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ دارُالافتاء اهلسنّت، المدينةُ العلميه، مجلسِ مڪتوبات و تعويذاتِ عطاريه جنهن سان ماهانه لکين مسلمان فيضياب ٿي رهيا آهن، ان جي علاوه مدَني مرڪز (فيضانِ مدينه)، ٻين مسجدن جي تعميرات و انتظامات، مدَني تَربِيت گاهون، مختلف مدني ڪورسز (مثلاً فرض عُلُوم ڪورس، امامت ڪورس، مدرس ڪورس، ،اِصلاحِ اعمال ڪورس، 12مدني ڪم ڪورس، فيضانِ نماز ڪورس وغيره)، اهڙي طرح هفتيوار اجتماعات، وڏين راتين (مثلاً اجتماعِ ميلاد، اجتماعِ غوثيه، اجتماعِ معراج، اجتماعِ شبِ براءَت ۽ اِجتماعِ شبِ قدر وغيره) جا اجتماع، سڄي رمضان / آخري عشري جو اجتماعي اعتڪاف وغيره۔ هن سال به صرف پاڪستان ۾ ڪم وبيش 73 هنڌن تي سڄي رمضان جو اِعتڪاف جاري آهي، جنهن ۾ هزارين عاشقانِ رمضان اعتڪاف جي سعادت حاصل ڪئي آهي۔ اهڙي طرح سڄي دُنيا ۾ سوين هنڌن تي آخري عشري جو سُنّت اعتڪاف آهي، جنهن