Book Name:Iman Ki Hifazt
ايمان جي اهميت ۽ ان جي حفاظت بابت اللہ پاڪ سيپاري 24 سوره
حٰمٓ السَجْدَه آيت نمبر 30 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
اِنَّ الَّذِیْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوْا تَتَنَزَّلُ عَلَیْهِمُ الْمَلٰٓىٕكَةُ اَلَّا تَخَافُوْا وَ لَا تَحْزَنُوْا وَ اَبْشِرُوْا بِالْجَنَّةِ الَّتِیْ كُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ(۳۰) (پ۲۴،حم السجده:۳۰)
تَرجموڪنز الايمان: بيشڪ اهي جن چيو اسان جو رب اللہ آهي پوءِ ان تي قائم رهيا انهن تي ملائڪ لهندا آهن هي ته نه ڊڄو ۽ نه غمغين ٿيو ۽ توهان کي خوشخبري هجي جنت جي جنهن جو توهان سان واعدو ڪيو ٿي ويو.
تفسير”صراطُ الجِنَان“ ۾ آهي: بيشڪ اهي ماڻهو جن اللہ پاڪ جي ربّ هئڻ ۽ ان جي وحدانيت (يعني هڪ هئڻ) جو اِقرار ڪندي چيائون ته اسان جو ربّ صرف اللہ پاڪ آهي، پوءِ اهي هن اقرار ۽ ان جي تقاضن تي ثابت قدم رهيا، انهن تي اللہ پاڪ جي طرفان ملائڪ نازل ٿيندا آهن ۽ انهن کي اها بشارت ڏيندي چوندا آهن ته توهان آخرت ۾ پيش ايندڙ حالات کان ڊپ نه ڪريو ۽ اهل و عيال وغيره مان جيڪو ڪجھ پوئتي ڇڏي آيا آهيو ان جو غم نه ڪريو ۽ ان جنت تي خوش ٿي وڃو جنهن جو توهان سان دنيا ۾ اللہ پاڪ جي رسولن عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي مُقَدّس زبان سان واعدو (Promise) ڪيو ويندو هو۔
(روح البيان،پ ۲۴،حٰمٓ السجدۃ، تحت الآيۃ: ۳۰،۸/۲۵۴-۲۵۵ ملتقطاً)(صراط الجنان،۸/۶۳۱)
دِينِ اسلام تي ثابت قدمي جي ترغيب
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو دينِ اسلام تي ثابت قدمي نهايت ضروري آهي، جيڪڏهن خاتمو ايمان تي ٿيو ته نجات ئي نجات آهي ايستائين جو اسلام تي قائم رهڻ ۽ قرآني احڪامن تي عمل ڪرڻ وارن کي جنت جي بشارت به ڏني وئي آهي۔ اهو ئي نه بلڪ ايمان جي حالت ۾ دنيا کان وڃڻ جو حڪم به قرآنِ پاڪ ۾ موجود آهي، جيئن سيپارو 4 سوره آٰلِ عمران آيت نمبر 102 ۾ اللہ پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: