Book Name:Iman Ki Hifazt
اللہ کرم ایسا کرےتجھ پہ جہاں میں
اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو
عطا ہو دعوتِ اسلامی کو قبولِ عام
اسے شُرور وفِتن سے سدا بچا یارب
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شبِ قدر جي فضيلتن ۽ ان رات ۾ عبادت ڪرڻ وارن جي لاءِ انعاماتِ خداوندي تمام گهڻا آهن اللہ عَزَّوَجَلَّ هن رات پنهنجي ٻانهن تي رحمتِ الٰهي جي خوب بارش ڪندو آهي ۽ گناهگارن جي بخشش ۽ مغفرت ڪري انهن کي جهنم کان رهائي عطا ڪندو آهي پر ڪجھ اهڙا بدنصيب به آهن جيڪي هن مقدَّس رات ۾ به بخشش ۽ مغفرت کان محروم رهندا آهن،جيئن ته
حضرتِ سيدنا عبدُالله ابن عباس رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما فرمائن ٿا ته حضورنبي ڪريم، روفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته جڏهن شبِ قدر ايندي آهي ته اللہ عَزَّوَجَلَّ جي حڪم سان حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام هڪ سائو جهنڊو کڻي فرشتن جي تمام وڏي فوج سان گـڏ زمين تي نُزول فرمائيندا آهن ۽ ان جهنڊي کي ڪعبهءِ معظمه تي ڦڙڪائيندا آهن۔ حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جا سؤ پر آهن جن مان ٻه پر صرف انهيءَ رات کوليندا آهن اهي پَرَ اوڀر ۽ اولهه ۾ ڦهلجي ويندا آهن پوءِ حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرشتن کي حڪم ڏيندو آهن ته جيڪو به ڪو مسلمان اڄ رات قيام، نماز يا ذڪراللہ عَزَّوَجَلَّ ۾ مشغول آهي ان سان سلام ۽ مصافحو ڪريو، ۽ پڻ ان جي دعائن تي آمين به چئو۔ اهڙيءَ ريت صبح تائين اهو ئي سلسلو رهندو آهي۔ صبح ٿيڻ تي