Book Name:Iman Ki Hifazt
جي آئينه دار هئي، انهن جو هر هر لمحو يادِ الٰهي ۾ گذرندو هو، اهي حضرات سچا عاشقِ رسول، اعليٰ درجي جا عابد، زاهد، نفس ۽ شيطان جي حيلن کان بخوبي آگاھ هئا پر ان جي باوجود ايمان جي حفاظت جي معاملي ۾ تمام گھڻا حساس هئا ۽ ايمان کسجڻ جي خوف سبب هميشه ڏڪندا رهندا هئا ۽ پياري آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مُصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعليمات کي پيشِ نظر رکندي دينِ متين تي ثابت قدمي جا طلب گار رهندا هئا۔ تنهنڪري اسان کي به، انبياءِ ڪرام، صحابه ڪرام ۽ پنهنجن بزرگان دِين جي سيرت تي عمل ڪندي، اللہ پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندي ايمان جي حفاظت جو جذبو پنهنجي اندر اُجاگر ڪرڻ گھرجي ۽ نيڪ عملن تي تيار ٿي اللہ پاڪ جي بارگاھ ۾ بُري خاتمي کان بچڻ جي دعا ڪرڻ گھرجي۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ايمان جي حفاظت ڪرڻ اللہ پاڪ جي فضل وڪرم
سان گڏ ٻانهي جي اختيار ۾ به هوندو آهي تنهنڪري انسان کي گھرجي ته هو پنهنجي ايمان جي سلامتي جي لاءِ اللہ پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪري، گناهن کان بچندي پاڻ کي نيڪين ۾ مشغول رکي۔ جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته دنيا کان وڃڻ مهل اسان جو ايمان سلامت رهي ته ان جي لاءِ اسان کي انهن سمورن ڪمن کان بچڻو پوندو، جيڪي ايمان ضائع ڪرڻ جو سبب بڻجندا آهن، جن جي ڪري انسان هن عظيم دولت کان محروم ٿي ويندو آهي۔ اچو! ايمان ضائع(Destroy) ڪرڻ وارن ڪجھ ڪمن جي باري ۾ ٻڌون ٿا ۽ گڏوگڏ اها نيت به ڪريون ٿا ته اهڙن بُرن عملن کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين جو جن جي ڪري ايمان برباد ٿي سگھي ٿو، اللہ پاڪ اسان جو ايمان سلامت رکي۔