Book Name:Iman Ki Hifazt
حضرت ابو اسحاق فزاري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون اهو واقعو امام
اوزاعي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه کي لکي موڪليو ته انهن مون کي لکيو ته ان کان پڇو: جن مسلمانن جو انتقال ٿيو هو ڇا انهن جو چهرو قبلي ڏانهن هو؟ مون ان جي باري ۾ ان ڪفن چور کان پڇيو ته ان جواب ڏنو ’’انهن مان گھڻن ماڻهن جو چهرو (Face) قبلي کان ڦريل هو۔ مون ان جو جواب امام اوزاعي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه کي لکي موڪليو ته انهن مون کي تحرير موڪلي جنهن تي 3 ڀيرا ”اِنَّالِلّٰه وَاِنَّاۤ اِلَيه رَاجِعُونْ“ لکيل هو ۽ گڏ اهو به لکيل هو ”جنهن جو چهرو قبلي کان ڦريل هو ان جو موت دينِ اسلام تي ناهي ٿيو، توهان اللہ پاڪ کان ان جي عَفو، بخشش ۽ ان جي رضا طلب ڪريو۔ ( صراط الجنان ،۳/۱۳۷) (روح البيان، الانعام،تحت الآيۃ: ۷۰، ۳/۵۱)
مغفرت کا ہوں تجھ سے سوالی پھیرنا اپنے در سے نہ خالی
مجھ گنہگار کی التجا ہے یاخدا تجھ سے میری دعا ہے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل سبب اهي آهن جيڪي بُري خاتمي جو سبب بڻجي سگھن ٿا، ان جي علاوه ايمان ضايع ٿيڻ جا ٻيا کوڙ سبب به آهن مثال طور نماز ۾ سُستي، شراب نوشي، والدين جي نافرماني، مسلمانن کي تڪليف ڏيڻ۔ (شرحُ الصُّدور،ص ۲۷) تنهنڪري اسان کي پنهنجي ايمان جي سلامتي جي لاءِ هنن تمام سببن کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ڇوته جيڪي خوش نصيب مسلمان بحالتِ ايمان هن دنيا مان رُخصت ٿيندا آهن اللہ پاڪ پنهنجي رحمت سان انهن کي جنت ۾ داخل ڪندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ۔ ايمان تي خاتمي جي لاءِ فرض ۽ واجبات جي ادائيگي سان گڏوگڏ اسان جي بزرگانِ دِين رَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين مختلف ورد وظيفا به ڏنا آهن جيڪو شخص هنن تي عمل ڪندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ موت جي وقت انهن جو ايمان سَلامَت رهندو، اچو! اِيمان تي خَاتمي جا پنج (5) ورد وظيفه ٻڌون ٿا۔ جيئن ته