Book Name:Iman Ki Hifazt

۾ هزارين عاشقانِ رمضان اعتڪاف جي سعادت حاصل ڪن پيا۔

   مطلب اهو ته مُنَـظَّم طريقي سان مدَني ڪمن کي تيزي سان اڳتي کان

اڳتي وڌائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي تحت تقريباً 104شعبن جي لاءِ وڏي رقم جي ضرورت هوندي آهي، اوهان به پنهنجا مدني عطيات دعوتِ اسلامي کي ڏيو، نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجي هن مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔

   دعوتِ اسلامي جو اسان تي عظيم احسان آهي ته هڪ تعداد اهڙو آهي جن کي ڪل تائين ته اها به خبر نه هئي ته نماز ڪيئن پڙھي ويندي آهي؟ بلڪ گھڻو ڪجھ خبر نه هو، دعوتِ اسلامي اسان کي گھڻو ڪجھ سکاريو ۽ سمجھايو۔ اسان دعوتِ اسلامي جي احسان هيٺ آهيون، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي اسان کي ڏاڙھي شريف ۽ عمامو شريف سجائڻ جي مدني سوچ ڏني، ايمان جي حفاظت جي سوچ ڏني، هاڻي اها ئي دعوتِ اسلامي اسان کان مطالبو ڪري رهي آهي ته ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻو آهي ۽ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اربين روپين جي ضرورت آهي؟ جامعة المدينه جا ماهوار اخراجات لکين بلڪه ڪروڙن ۾ آهن، سوين مسجدون اڃا ٻيون ٺاهيڻيون آهن، هر دعوتِ اسلامي وارو مشين جيان حرڪت ۾ اچي، پنهنجي گھر وارن کان، عزيز مائٽن کان، پاڙي وارن کان، دڪاندارن کان، پاڙي کان خوب مدني عطيات گڏ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري۔ کوڙ سارا ماڻهو صرف رمضان ۾ زڪوٰة ڏين ٿا، زڪوٰة سان گڏوگڏ فطرو به گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو۔ اَخراجات هر سال وڌندا پيا وڃن، اسان کي پنهنجي دعوتِ اسلامي کي زنده رکڻو آهي، هن کي هلائڻو آهي، بلڪ هن کي مضبوط بڻائڻو آهي، جو اها خوب اللہ  عَزَّوَجَلَّ جي دِين جي خدمت ڪري، فطرن جا بستا وڌايو، فطره ڏيڻ وارن جو هڪ تعداد هوندو آهي جيڪو ٽيبل ڪرسي، بينر وغيره ڏسي فطرو ڏيندو آهي، بازارن ۾ مسجدن ۾ فطري جا بستا لڳايو، مدني عطيات جا جيترا بستا گھڻا لڳندا، اوترو فطره به گھڻو ملندو۔