Book Name:Iman Ki Hifazt
سال جا روزا رکيا۔ جو جيڪو هڪ نيڪي آڻيندو ان کي ڏهه ملنديون۔ ( ابن ماجه،کتاب الصيام،باب الصيام ستۃ ايام …الخ،۲/۳۳۳، حديث:۱۷۱۵)
خليلِ ملّت حضرت علامه مولانا مفتي محمد خليل خان قادري برڪاتي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن تڏهن به حرج ناهي ۽ بهتر هي آهي ته متفرق (يعني وقفو ڪري) رکيا وڃن يعني هر هفتي ۾ ٻه روزا ۽ عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي وٺي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به مناسب(Suitable معلوم ٿئي ٿو۔ (سنّي بهشتي زيور ص 347) مطلب ته عيد الفطر جو ڏينهن ڇڏي سڄي مهيني ۾ جڏهن چاهيو عيد جا ڇهه روزا رکي سگهو ٿا۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته
٭ ايمان تي استقامت ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ هڪ مسلمان جي لاءِ نهايت
ضروري آهي۔
٭ ايمان کسجڻ جي خوف سبب بزرگانِ دِين گھڻو روئيندا هئا۔
٭ جيڪي ماڻهو پنهنجي ايمان جي حفاظت نٿا ڪن،آٓخرت ۾ اهي سزا جا حقدار ٿيندا۔
٭ ايمان ضائع ڪرڻ ۾ گانن باجن ۽ فلمن ڊرامن جي نحوست به شامل آهي۔
٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ فرض سان گڏوگڏ سُنّتن تي به عمل ڪرڻ گھرجي۔
٭ جن بد نصيب ماڻهن جو خاتمو ڪفر تي ٿيندو اهي قبر ۽ آخرت ۾ عذابن جا مستحق ٿيندا۔
٭ ايمان ضايع ٿيڻ جو سبب مال و دولت جي حرص (Greed) ۽ ڊگھيون اميدون رکڻ به آهي۔
اللہ پاڪ اسان جو ايمان سلامت رکي ۽ پنهنجي دائمي رضا سان مالا مال فرمائي ۽ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سچو عشق عطا فرمائي۔ اللہ پاڪ