Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

جهنّم جي دهشتن، سخت عذابن کان نجات ملڻ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي، ۽ اهو آهي: ايمان۔ الله نه ڪري، الله نه ڪري، اهڙي سخت وقت ۾، نزع جي هنن تڪليفن ۾ ڪٿي ايمان هٿان نڪري ويو ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو...؟ هاءِ! افسوس! موت جي وقت ايمان کسڻ جي لاءِ شيطان طرح طرح جا حيلا بهانا استعمال ڪندو، ايستائين جو ماءُ پيءُ جو رُوپ ڌاري به ايمان تي ڌاڙي جي ڪوشش ڪندو، يقيناً اهو ايترو نازُڪ موقعو هوندو جو بس جنهن تي الله رَحمٰن جو خاص ڪرم ۽ احسان ٿيندو اهو ئي ڪامياب ۽ ڪامران ٿيندو، صِرف ان جو ايمان سلامت رهندو۔

منهنجا آقا اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، مولانا شاھ امام احمد رضا خانرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فتاوي رضويه، جلد:9، صفحي:83  تي امام اِبنُ الحَاج مڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو قول نقل ڪن ٿا، جنهن جو خلاصو آهي: دَمِ نزع (يعني جڏهن رُوح قبض ڪيو پئي ويندو آهي، موت جا هوش وڃائيندڙ جھٽڪا لڳي رهيا هوندا آهن، 300 تلوارن جي وار کان به سخت تڪليف ٿي رهي هوندي آهي، ان ڏکئي وقت) 2 شيطان انسان جي ٻنهي پاسن کان اچي ويهندا آهن، هڪ ان جي پيءُ جي شڪل ۾، ٻيو ماءُ جي شڪل ۾، اهي ٻئي شيطان ان کي اسلام ڇڏي ڪافِر ٿيڻ جي ترغيب ڏيندا آهن۔ (فتاوی رضویہ، جلد:9، صفحہ:83بتغیر قلیل)

بوقتِ نزع آقا! نہ ہو جاؤں کہیں برباد        مِرا اِیْمان رکھ لینا سلامت یارسُولَ اللہ

ترے رَبّ کی قسم! میں لائقِ نارِ جہنّم ہوں   بچا سکتی ہے بَس تیری شفاعت یارَسُول اللہ

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

افسوس! اي عاشقانِ رسول! خبر ناهي ان وقت اسان جو ڇا ٿيندو! موت لمحو به لمحو ويجھو اچي رهيو آهي، قبر جي منزل ڏانهن برابر اڳتي سفر جاري آهي، تصور ڪريو ته اسان ڄڻ وڏي احتياط سان ايمان کي بحفاظت سيني سان سانڍي رکيو آهي، هڪ پاسي نفسِ اَمّاره ايمان تي ڪاھ ڪري رهيو آهي،