Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

ڪاش! ڪاش! ڪاش! ڳالھ ايستائين رهي هان ته چلو خير هو پر مُعَاملو ايترو به آسان ناهي، رُوح نڪرڻ جون تڪليفون... الامان والحفيظ!

 حضرت امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: غيبن تي خبردار، سرڪارِ ذي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن موت جي تڪليفن ۽ ان جي نڙي ۾ اٽڪڻ جو ذِڪر ڪندي فرمايو: اها تڪليف تلوار جي 300 وار جي برابر آهي۔ (موسوعہ امام اِبْنِ اَبی الدُّنیا، کتاب: ذکرُ الموت، باب:خوف من اللہ، جلد:5، صفحہ:453، حدیث:192) هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: آسان ترين موت ڪپھ ۾ ڦاٿل ڪنڊيدار ٽاري جيان آهي، جڏهن اهڙي ٽاري کي ڪپھ مان ڪڍيو وڃي ته ڪپھ جا ذرڙا به ان سان گڏ ضرور ايندا۔ (موسوعہ امام اِبْنِ اَبِی الدُّنیا، کتاب: ذکرُ الموت، باب: خوف من اللہ، جلد:5، صفحہ:453، حدیث:194)

حُجَّةُ الاِسلَام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سڪرات جي تڪليف سڌو سنئون رُوح تي حملو ڪندي آهي، پوءِ اها تڪليف سڄي بدن ۾ ڦھلجي ويندي آهي، هر هر رڳ مان، هر هر جوڙ مان، هر هر وار جي جڙ مان ۽ مٿي کان پيرن تائين کل جي هر حصي مان رُوح ڇڪي ڪڍيو ويندو آهي، پڇا نه ڪريو اها ڪيتري سخت تڪليف آهي؟ بزرگن ته ايستائين فرمايو جو موت جي تڪليف تلوار جي وار کان، آريءَ جي چيرڻ کان ۽ قينچي جي ڪٽڻ کان به وڌيڪ سخت آهي۔ (احیاء العلوم، جلد:5، صفحہ:511) امامِ اَوزاعِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان وٽ هي ڳالھ پهتي آهي ته قيامت اچڻ تائين مردو موت جون تڪليفون محسوس ڪندو آهي. (احیاء العلوم، جلد:5، صفحہ:515) الامان والحفيظ! الامان والحفيظ!

گر ترے پیارے کا جلوہ نہ رہا پیشِ نظر               سختیاں نزع کی کیوں کر میں سہوں گا یارَبّ

نَزْع کے وَقْت مجھے جَلْوَہِ محبوب دکھا                 تیرا کیا جائے گا میں شاد مَروں گا یارَبّ

(حدائق بخشش،  صفحہ:166)

اي عاشقانِ رسول! مُعَاملو انتهائي نازُڪ آهي، راھ پُرخار يعني ڪنڊيدار آهي، هاءِ! اهڙيون سختيون، وڏيون تڪليفون ۽ اسان ڪمزور...! قبر ۽ حشر ۽