Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

ٻي پاسي شيطان چال بدلي بدلي وار ڪري رهيو آهي، ٽئين پاسي بدمذهب ايمان تي ڌاڙو هڻڻ ۾ مصروف آهن ته چوٿين پاسي دُنيا جي اجائي محبت ايمان جي لاءِ آزمائش آهي! يعني هيئن سمجھو ته ڪو هٿ مروڙي رهيو آهي، ڪو ٽنگ ڇڪي رهيو آهي، ڪو مُڪو هڻي رهيو آهي، ڪو لتون هڻي رهيو آهي، هر هڪ پُورو زَور لڳائي رهيو آهي ته ڪنهن نموني اسان کان ايمان کسجي وڃي، هاءِ! هن حالت ۾ ايمان جي دولت کي سلامت وٺي قبر ۾ ڪيئن داخِل ٿينداسين...!! (کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب، صفحہ:10)

راہ پُر خار ہے، کیا ہونا ہے؟                        پاؤں اَفگار ہے، کیا ہونا ہے؟

(حدائق بخشش،  صفحہ:166)

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سَفَرِ آخرت جون دشواريون بيان ڪري رهيا آهن، انهن تڪليفن کي بيان ڪندي غفلت ۾ سمهڻ وارن کي جھنجوڙي رهيا آهن:

راہ پُر خار ہے، کیا ہونا ہے؟                             پاؤں افگار ہے، کیا ہونا ہے؟

دُور جانا ہے رہا دِن تھوڑا                                   راہ دُشوار ہے کیا ہونا ہے؟

ہائے رے نیند مُسَافِر تیری                              کُوچ تیار ہے، کیا ہونا ہے؟

ارے اَو مجرمِ بے پروا دیکھ                             سَر پہ تلوار ہے کیا ہونا ہے؟

روشنی کی ہمیں عادَت اور گھر                            تِیرہ و تار ہے کیا ہونا ہے؟

پَر کٹے، تنگ قفس اور بلبل                               نَو گرفتار ہے، کیا ہونا ہے؟

(حدائق بخشش،  صفحہ:166تا 168)

       جيڪي گھڻي وڏائي ڪندا هئا، ڪڏهن جواني تي ڀروسو، ڪڏهن صحت ۽ تندروستي تي ناز، ڪڏهن جسم جي طاقت تي فخر ته ڪڏهن عهدي ۽ ڪرسي جو غرور ۽ وڏيون وڏيون ڊاڙيون هڻندا هئا، هاڻي پر ڪٽجي ويا...!!