Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن شعبان جي وچين (يعني پندرهين) رات اچي ته ان رات قيام (يعني عِبَادت) ڪيو، ڏينهن جو روزو رکو، بيشڪ هن رات سج لهندي ئي الله پاڪ پنهنجي شايانِ شان آسمانِ دُنيا تي تجلي فرمائي ارشاد فرمائيندو آهي: * ”اَلَا مِنْ مُسْتَغْفِرٍ لِیْ فَاَغْفِرَ لَہٗ“ آهي ڪو مون کان بخشش گھرڻ وارو جو مان ان کي مُعَاف ڪيان * ”اَلَا مُسْتَرْزِقٌ فَاَرْزُقَہٗ“ آهي ڪو رِزق گھرڻ وارو جو ان کي رزق عطا ڪيان * ”اَلَا مُبْتَلٰی فَاُعَافِیَہٗ“ آهي ڪو پريشان حال جو مان ان جي پريشاني دُور ڪيان، آهي ڪو اهڙو، آهي ڪو اهڙو، فجر ٿيڻ تائين اهو اِعلان ٿيندو رهندو آهي۔ (ابن ماجہ، صفحہ:225، حدیث:1388)
اي عاشقانِ رسول! اڄ دوزَخ کان ڇوٽڪاري جي رات آهي، حديثِ پاڪ مطابق هن رات بنو ڪلب جي ٻڪرين جي وارن جي تعداد جي برابر گنهگارن کي جهنّم کان آزاد ڪيو ويندو آهي، (اَلتَّرْغِیْب وَالتَّرْھِیْب، صفحہ:351، حدیث:11) بنو ڪلب عرب جو هڪ قبيلو هو، ڪتابن ۾ لکيل آهي: اهو قبيلو تمام گھڻيون ٻڪريون پاليندو هو۔ (مِرْقاۃ شرح مشکوٰۃ، کتابُ الصَّلاۃ، جلد:3، صفحہ:339، حدیث:1299)
سُبحٰنَ الله! هڪ ٻڪري جي جسم تي ڪيترا وار هوندا آهن، ڪير ان جي ڳڻپ ڪري سگھي ٿو؟ خبر پئي ته اڄوڪي رات هزارين، لکين بلڪ ڪروڙين ماڻهن جي بخشش ڪئي ويندي آهي۔
مغفرت کا ہوں تجھ سے سُوالی پھیرنا اپنے دَر سے نہ خالی
مجھ گنہگار کی التجا ہے یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے
نارِ دوزخ سے مجھ کو اماں دے مغفرت کر کے باغِ جِناں دے
کر دے رَحْمت مری التجا ہے یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے([1])
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد