Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
اي عاشقانِ رسول! اڄوڪي رات ڦٽاڪا ڦاڙڻ جي رات ناهي، موٽر سائيڪلن تي وَن ويلنگ ڪرڻ، هُل ڪرڻ، راند روند، شور مچائڻ، هنگامو ڪرڻ، هوائي فائرنگ ڪرڻ، پيسن ۽ وقت کي ضايع ڪرڻ، ٻارن کي آتش بازي جو سامان ڏياري انهن جون عادتون خراب ڪرڻ جي رات ناهي بلڪ اڄوڪي رات عِبَادت جي رات آهي۔
اڄ رات ته اها رات آهي جو هن سال ۾ايندڙ شب براءَت تائين جيڪي مرڻ وارا آهن انهن جي به لسٽ تيار ٿيندي آهي، رب پاڪ ڄاڻي ٿو اسان جي قسمت ۾ ڇا لکيو ويندو، خدانخواسته اسان راند روند ۾ لڳل رهياسين ۽ هوڏانهن اسان جي حق ۾ ڪجھ جو ڪجھ لکيو وڃي ته اسان جو ڇا ٿيندو؟
اڄ عِبَادت جي رات آهي، اڄ جي رات عبادت ئي ۾ گذارڻ گھرجي۔ ڦٽاڪا وڄائڻ، آتش بازيون ڪرڻ، هُل ڪرڻ، اهو اسان جو ڪم نه آهي، اسان جو ڪم آهي: الله پاڪ کي ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي راضي ڪرڻ ۽ اڄ الله پاڪ کي راضِي ڪرڻ ئي جي رات آهي، اڄ سچي توبه ڪري الله پاڪ کي راضي ڪرڻ، ان سان صلح ڪرڻ جي رات آهي۔
کِشْتِ اُمِّیْد پہ ہے فَضْلِ خُدا آج کی رات ہر طرف چھائی ہے رحمت کی گھٹا آج کی رات
کس قدر جوش پہ ہے حق کی عطا آج کی رات پائیں گے سارے طلب سے بھی سِوا آج کی رات
مغفرت ڈھونڈتی پھرتی ہے گنہ گاروں کو مہرباں کتنا ہے بندوں پہ خُدا آج کی رات
کوئی محروم نہ رہ جائے زمیں پر سائِل آسمانوں سے یہ آتی ہے صدا آج کی رات
آج کی رات نہ غفلت میں گزاری جائے رَبِّ اکبر کی کرو حمد وثنا آج کی رات
الله پاڪ اڄ جي هن بابرڪت رات جي صدقي اسان سڀني کي مغفرت جي خيرات نصيب فرمائي، سچي توبه جي توفيق ملي، گناهن کان نفرت ٿئي،