Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

اي عاشقانِ رسول! اسان ٻڌو! اڄ جي رات الله پاڪ لکين ٻانهن جي مغفرت فرمائي انهن کي دوزخ کان آزادي عطا ڪندو آهي پر افسوس! ڪيترو بدنصيب آهي اهو  انسان جيڪو اڄ به پنهنجي بخشش نه ڪرائي سگھي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: ڇھ (6) ماڻهو آهن، جن جي هن رات به بخشش ناهي ٿيندي: (1): شراب جو عادي، (2): ماءُ پيءُ جو نافرمان، (3): زِنا جو عادي، (4): رشتو ٽوڙڻ وارو، (5):تصوير بنائڻ وارو، (6): ۽ چغل خور۔ (فضائلُ الْاَوقات، صفحہ:33، حدیث:36)

ڪن روايتن جي مُطَابِق * ڪاهن (يعني نجومي) * جادُوگر * تڪبر سبب پاجامو يا گوڏ ڀيڏين کان هيٺ لٽڪائڻ وارو * مسلمان سان بلا اجازتِ شرعي بغض ۽ ڪينو رکڻ (يعني دِل ۾ دُشمني لڪائڻ) وارا به هن رات مغفرت جي سَعَادت کان محروم رهندا آهن۔ (آقا کا مہینا، صفحہ:11)

الامان والحفيظ! الله پاڪ اسان سڀني کي هنن سمورن گُنَاهن کان محفوظ فرمائي ۽ اڄوڪي رات مغفرت ۽ بخشش جي نعمت عطا فرمائي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

آئی شَبِ براءَت، یہ ہے برکتوں کی رات           لطف وکرم کی رات ہے، یہ رحمتوں کی رات

بارانِ فضل ہوتا ہے اس شب کو ہر گھڑی          خوش بخت ہے جسے ملی یہ عظمتوں کی رات

جو چاہتے ہو، تم کو کرے گا خدا عطا                      اس کی عنایتوں کی ہے یہ نعمتوں کی رات

غم کا علاج آج کی شب دستیاب ہے                 یہ جاں فزا ہیں ساعتیں، یہ فرحتوں کی رات

کر لو مرض کے واسطے رب سے دُعا ابھی             یہ ہے شفا کی رات، یہ ہے راحتوں کی رات

دامن بڑھاؤ مانگ لو خیراتِ مغفرت                   اے عاصیو! ہے جلوہ نما رافتوں کی رات

راضی کرو تمام جو ناراض تم سے ہیں                   صلح وصفا کی رات ہے، یہ قُربتوں کی رات

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد