Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

الرَّحمَة (رحمت ڀري رات) آهي۔ اڄ جي اها رات لَيلَةُ التَّڪفِير (گُنَاھ مٽائڻ واري رات) آهي، اڄ جي اها رات لَيلَةُ الاِجَابَةِ (دُعائون قبول ٿيڻ جي رات) آهي، اڄ جي اها رات لَيلَةُ الشَّفَاعَةِ (شفاعت جي رات) آهي، اڄ جي اها رات لَيلَةُ الغُفرَان (مغفرت جي رات) آهي ۽ اڄ جي اها رات ملائڪن جي عِيد جي رات آهي۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيئن مسلمانن جي لاءِ 2 عيدون آهن، اهڙي طرح ملائڪن جي لاءِ 2 راتون عيد جون آهن، هڪ شَبِ بَرَاءَت (يعني اڄ جي رات) ۽ هڪ شَبِ قدر (جيڪا رمضان المبارڪ ۾ ٿيندي آهي)۔ (مکاشفۃُ الْقُلُوب، صفحہ:303)

جنتي صحابي، حضرت اُبَي بِن ڪعب رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، شَبِ بَرَاءَت (يعني اڄوڪي رات) جبريل امين عَلَيه السَّلام رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضِر ٿي عَرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هي اها رات آهي جنهن ۾ آسمان ۽ رَحمت جا 300 دروازا کوليا ويندا آهن۔

     پوءِ رات جي چوٿين حصي ۾ حضرت جبريل عَلَيه السَّلام حاضِر ٿي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! پنهنجو مٿو مبارڪ کڻو! نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مٿو مُبَارڪ کڻي ڏٺو ته آسمان جي طرف رحمت جا دروازا کليل هئا، هر دروازي تي هڪ ملائڪ هو، پهرين دروازي جو ملائڪ چئي رهيو هو: ان کي مبارڪ هجي جيڪو اڄ رات عِبَادت ڪري، ٻي دروازي جو ملائڪ پُڪاري رهيو هو: اُن کي مبارڪ هجي جيڪو اڄ رات سجدو ڪري، ٽئين دروازي جو ملائڪ آواز لگائي رهيو هو: اُن کي مبارڪ هجي جيڪو اڄ رات رڪوع ڪري، چوٿين دروازي جو ملائڪ صدا لڳائي رهيو هو: اُن کي مبارڪ هجي جيڪو اڄ رات پنهنجي رَبِّ ڪريم کان دُعا گھري، پنجين دروازي جو ملائڪ چئي رهيو هو: اُن کي مبارڪ هجي جيڪو اڄ رات الله پاڪ کان مُنَاجات ڪري، ڇهين دروازي جو ملائڪ چئي رهيو هو: اڄ جي رات مسلمانن کي مُبَارَڪ هجي، ستين دروازي جو ملائڪ چئي رهيو هو: الله پاڪ کي هڪ مڃڻ وارن کي مبارڪ هجي، اٺين دروازي تي ملائڪ صدا لڳائي رهيو هو: