Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

يعني دِل ۾ احساس اچي وڃي، دِل خوف سبب ڏڪي ته شايد گُنَاهن جي بيماري کان جان ڇٽي وڃي، پر ڇا ڪجي دِل ته پاڻ ئي بيمار آهي، ڇا ٿيندو؟

اي عاشقانِ رسول! منهنجي آقا اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهو وڏو ڪلام  لکيو:

راہ پُر خار ہے، کیا ہونا ہے؟                                پاؤں افگار ہے، کیا ہونا ہے؟

 هن ۾ سڪرات جي، قبر جي، قيامت جي ۽ پُل صراط جي منظر ڪشي ڪري اسان گنهگارن کي جھنجھوڙيندي نصيحت فرمائي ته غافلؤ! سوچيو! جيڪڏهن زندگي ايئن ئي گناهن ۾ گذرندي رهي، الله پاڪ ناراض ٿي ويو، ان جو پيارو حبيب، دلين جو طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رُسي ويو ته ڇا ٿيندو؟ پوءِ آخر ۾ تسلي ڏيندي، گُناھ ڇڏي نيڪين ڏانهن موٽي اچڻ ۽ جيترا پساھ باقي آهن، ان ۾ الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي فرمائن ٿا:

کیوں رضا کُڑھتے ہو، ہنستے اُٹھو                      جب وہ غفار ہے، کیا ہونا ہے؟

(حدائق بخشش، صفحہ:170)

سُبحٰنَ الله! سُبحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! خوش ٿي وڃو! الحمد لله! اسان جو پيارو الله پاڪ وڏو مهربان، نهايت رحم فرمائڻ وارو، گھڻي توبه قبول ڪرڻ وارو، سَتّار ۽ غَفَّار آهي ۽ ان تي وڌيڪ مهرباني اها جو ان اسان گنهگارن کي آقا و موليٰ، مُحَمَّدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غلامي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، ان کي به رَحمَةُ لِّلعَالَمِين بڻائي موڪليو آهي۔

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جو الله پاڪ بيحد مهربان آهي، ان ڪري ته ان پنهنجي پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ اڄ جي اها بابرڪت رات عنايت فرمائي آهي، اڄ جي اها رات لَيلَةُ المُبَارَڪة (برڪت ڀري رات) آهي۔ اڄ جي اها رات لَيلَةُ البَرَاءَة (نجات جي رات) آهي، اڄ جي اها رات لَيلَةُ