Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
رُوحن کي حڪم ٿيو: مان توهان جو رَبّ آهيان، مون کي سجدو ڪيو۔ ان حڪم تي ڪيئي رُوح سجدي ۾ ڪري پيا ۽ ڪيئي بيٺل رهيا، الله پاڪ ٻيهر سجدي جو حڪم ڏنو، هن ڀيري ڪجهه وڌيڪ روح سجدو ڪرڻ وارن سان ملي ويا ۽ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سجدو ڪيائون، اهي ٻئي گروه مُخلِص چَورايا، جن پهرين حڪم تي سجدو ڪيو اهي مَسعُود (يعني سَعَادت مند ٿيا) ۽ جن ٻي حڪم تي سجدو ڪيو اهي مَحمُود (يعني ساراھ لائق) ٿيا پر جن الله پاڪ جو حڪم نه مڃيو، ٻنهي ڀيري سجدو نه ڪيائون اهي دُنيا ۽ آخرت ۾ نقصان ۾ رهيا۔ ايترو فرمائڻ کان پوءِ شيخ الاسلام حضرت بهاء الدين زڪريا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تڙپي چيو: پٽ! مون کي خبر ناهي ته مان ڪهڙي گروھ ۾ هئس، افسوس! جيڪڏهن منهنجو به شُمار نقصان کڻڻ وارن مان ٿيو ته منهنجو ڇا ٿيندو..؟
آج بنتا ہوں معزز جو کھُلے حشر میں عیب آہ! رُسوائی کی آفت میں پھنسوں گا یارَبّ
گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی ہائے میں نارِ جہنّم میں جلوں گا یارَبّ
دَرْدِ سَر ہو یا بُخار آئے تَڑپ جاتا ہوں میں جہنّم کی سزا کیسے سہوں گا یارَبّ
عَفْو کر اور سدا کے لئے راضی ہو جا گر کرم کر دے تَو جنّت میں رہوں گا یارَبّ
(وسائل بخشش، صفحہ:85)
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت بهاء الدين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪامِل ولي هئا ۽ سندن پوٽا حضرت شاھ رُڪنِ عالم به پيدائشي ئي وِلايت واري درجي تي فائِز هئا، الله پاڪ سندن کي قُطبِيتِ عُظمٰي جو درجو عطا ڪيو هو، جڏهن پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڏاڏا سائين حضرت بهاء الدين زڪريا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا خوفِ خُدا ۾ ٻڏل جملا ٻڌا ته اَدب سان عَرض ڪيائون: ڏاڏا سائين! اوهان تسلي رکو! اوهان جو رُوح مبارڪ مُخلِصن مان هو، اوهان ان گروھ ۾ آهيو جن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سجدو ڪيو هو، منهنجو رُوح به ته ان وقت اتي هو، مون کي چڱي طرح ياد آهي ته ان ڏينهن اوهان جو روح غوثن جي صَف ۾ هو ۽ مان