Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
دروازو کوليو...!! هاڻي حضرت شيخ الاسلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اُٿي دروازو کوليو، شاھ رُڪنِ عالم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي اندر اچڻ جي اجازت ملي۔
شاھ رُڪنِ عالم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اندر پهتو ۽ اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته رَوئي رَوئي حضرت شيخ الاسلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون اکيون سُڄي چڪيون آهن، پاڻ ايترا رُنا جو لڙڪ ختم ٿي ويا ۽ هاڻي سندن مبارڪ اکين مان رت جا ڦڙا ڪِري رهيا هئا۔ اهو دِل ڏڪائيندڙ منظر ڏسي شاھ رُڪنِ عالم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عرض ڪيو: ڏاڏا سائين! ايترو روئڻ جو سبب ڇا آهي؟ حضرت شيخ الاسلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن جيڪو فرمايو، ان کي دِل جي ڪنن سان ٻڌو! ارشاد فرمايائون: پٽ! مون عالَمِ مُڪاشَفه ۾ ڏٺو ته هڪ شخص آهي، ان جو نالو به ”بهاء الدين“ آهي، زُهد وتقويٰ ۾ صاحبِ ڪمال آهي، عِلم وعمل ۾ پنهنجي وقت جو سردار آهي، ان جو انتقال ٿيو، وڏي عرصي جي عِبَادت، تقويٰ ۽ پرهيز گاري ان جي ڪجھ ڪم نه آئي، ان جا سمورا عمل ان جي منهن تي هنيا ويا ۽ ايمان کسجي ويو، ان شخص جو اهو حال ڏسي مون تي خوف طاري ٿي ويو ته هڪ هو بهاء الدين هو، جنهن جي عبادت ۽ اطاعت ان جي ڪنهن ڪم نه آئي ۽ ان جو ايمان کسيو ويو ۽ هڪ مان آهيان، خُدا ڄاڻي مون سان ڪهڙو مُعَاملو ٿيندو۔
کاش کے نہ دُنیا میں پیدا مَیں ہوا ہوتا قبر وحَشْر کا سب غم ختم ہو گیا ہوتا
دو جہاں کی فکروں سے یُوں نجات مل جاتی میں مدینے کا سچ مُچ کُتّا بن گیا ہوتا
آہ! سلبِ ایماں کا خوف کھائے جاتا ہے کاش کے مری ماں نے ہی نہیں جنا ہوتا
(وسائل بخشش، صفحہ:158تا160)
حضرت بهاء الدين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خوفِ خدا ۾ تڙپندي وڌيڪ فرمايو: پٽ: روزِ ميثاق (يعني:) عالَمِ اَرواح ۾ جڏهن الله پاڪ سڀني رُوحن کي گڏ ڪيو، ارشاد ٿيو: ”اَلَستُ بِرَبِّکُم“ ڇا مان توهان جو رب نه آهيان؟ رُوحن اقرار ڪندي چيو: ”بَلٰى“ موليٰ! ڇو نه، تُون ئي اسان جو رَب آهين۔ هاڻي سمورن