Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
قطبن جي صف ۾ هئس، مون ڏٺو ته اوهان جو رُوح غوثن جي صَف ۾ بيهي الله پاڪ جي حمد ۽ ثنا ڪري رهيو هو۔ پياري پوٽي جي اها ڳالھ ٻڌي حضرت بهاء الدين زڪريا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ٿوري تسلي ٿي ۽ پاڻ عاجزي ۽ انڪساري سان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سجدهءِ شڪر ادا ڪيو، پوءِ ٻاهر تشريف فرما ٿي مُرِيدن کي شَربتِ ديدار سان مشرف فرمايو۔ (فیضان بہاء الدین زکریا ملتانی، صفحہ:44-45بتغیر قلیل)
خدا نے فیض ہے بخشا، بہاءُ الدِّیْن ملتاں کا مِلا ہے دامنِ والا بہاءُ الدِّیْن ملتاں کا
ملے گا حشر میں سایہ بہاءُ الدِّین ملتاں کا کہ میں ہوں چاہنے والا، بہاءُ الدِّیْن ملتاں کا
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! قبر ۽ آخرت جو معاملو ڪيترو نازُڪ آهي، ايڏي بلند رُتبي وارا ولي سڳورا جن جون راتيون عبادت ۾ گذرنديون هيون، ڏينهن جو روزو رکندا هئا، ڪثرت سان تِلاوت ڪرڻ وارا، ڪثرَت سان ذِڪرُ الله ڪرڻ وارا، ڪثرَت سان درودِ پاڪ پڙھڻ وارا، هر گھڙي نيڪين ۾ گذارڻ وارا، فرضن، وَاجبن ۽ سُنّتن جي ته ڇا ڳالھ ڪجي! اهي نيڪ ته مستحبن تي به استقامت سان عَمَل ڪرڻ وارا هئا، گُنَاھ ۽ حرام ۾ پوڻ ته رهيو پري پر مُبَاحات (يعني جن ڪمن جو ڪرڻ نه گُنَاھ آهي نه ثواب، اُنهن) کان به پاڻ کي پري رکڻ وارا هئا، اهي اهڙا عِبَادت گذار، اِطَاعت گذار هئا جو انهن کي ڏسي رَبّ ياد ايندو هو، جن جي گفتگو ٻڌي لکين گنهگار توبه ڪري نيڪو ڪار ٿي ولايت جا بلند درجات طَئي ڪري وٺندا هئا، اهي ڪامِل اَولياءِ ڪرام به جڏهن الله پاڪ جي بي نيازي تي نظر ڪن ٿا، قبر ۽ آخرت جي مُعَاملن تي غور ڪن ٿا، الله پاڪ جي خفيه تدبير جو تصور ڪن ٿا ته پاڻي کان ٻاهر مڇي جيان تڙپڻ لڳن ٿا ۽ هاءِ! هڪ اسان آهيون، ڏينهن رات گناهن ۾ گذارڻ وارا، غفلت جو بسترو لڳائي، هر وقت سمهڻ وارا، افسوس!اسان عبرت نٿا حاصل ڪيون، افسوس!