Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf

حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام هي ٻڌي فرمائيندا هئا: اي جبرائيل! جڏهن مان پنهنجي طرف نگاهه ڪندو آهيان ته هي وساري ڇڏيندو آهيان ته مان الله پاڪ جو خليل آهيان.([1])

اللهُ اَڪبر! هي آهي حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي صفتِ اَوَّاہ. پاڻ تمام گهڻا خوفِ خدا وارا، الله پاڪ جي محبت ۾، ان جي خوف ۾ گهڻيون آهون ڀريندڙ هئا. ڪاش! حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جو صدقي اسان کي به خوفِ خدا جي دولت نصيب ٿي وڃي.

تِرے خوف سے، تیرے ڈر سے ہمیشہ    میں تھرتھر رہوں کانپتا یااِلٰہی!

مِرے اَشْک بہتے رہیں کاش ہر دَم                                                       ترے خوف سے یاخُدا یااِلٰہی!

خوفِ خدا سان روئڻ جي فضيلت

حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن مؤمن ٻانهي جي اک مان خوفِ خدا سبب ڳوڙها نڪرن، جيتوڻيڪ مک جي مٿي جي برابر هجن، پوءِ اهي ڳوڙها ان جي چهري جي ظاهري حصي کي پهچن ته الله پاڪ ان جي چهري کي جهنم تي حرام فرمائي ڇڏيندو.([2])

جی چاہتا ہے پھوٹ کے روؤُں ترے ڈر سے

اللہ! مگر دِل سے قَسَاوت نہیں جاتی

هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: خوفِ خدا سان روئڻ وارو هرگز جهنم ۾ داخل نه ٿيندو جيستائين کير ٿڻ ۾ واپس نه هليو وڃي.([3])

مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: مطلب هي آهي ته جيئن ٿڻ مان نڪتل کير واپس ٿڻ ۾


 

 



[1]...مِنْهَاجُ الْعَابِدِین،العقبۃ الخامسۃ عقبۃ البواعث ، اصل الثانی...الخ،صفحہ:316 ۔

[2]...شُعَبُ الْاِیْمان، جلد:1، صفحہ:490، حدیث:802۔

[3]...ترمذی، کتاب فضائل الجہاد،باب ما جاء فی فضل الغبار…الخ، صفحہ:415، حدیث:1633۔