Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf

جو پاڪيزه وصف هي آهي، بلڪه پوئين آسماني ڪتابن ۾ پاڻ ڪريم    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان هي بيان ڪئي وئي آهي ته آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪو جيترو جهالت وارو معاملو ڪندو هو، سندن حِلم اوترو ئي وڌندو ويندو هو. حديثن ۾ اهڙا واقعا موجود آهن ته اهلِ ڪتاب باقاعده پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي هن وصف جي جاچ ڪئي، جڏهن انهن ڏٺو ته واقعي سندن سان جيترو جهالت جو معاملو ڪيو وڃي، پاڻ اوترو ئي وڌيڪ حِلم جو مظاهرو ڪندا آهن ته جاچ ڪندڙ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا.([1])

حِلم جا مختصر فضائل

ڪاش! اسان کي به حِلم جي اهڙي دولت ملي وڃي...!! * حِلم الله پاڪ جي صفت آهي * حِلم وارو الله پاڪ جو پسنديده ۽ پيارو ٻانهو بڻجي ويندو آهي * ملائڪَ حِلم واري جا مددگار هوندا آهن * حِلم واري جي ماڻهو تعريف ڪندا آهن * ۽ حِلم وارو ماڻهو بلند درجن تائين پهچندو آهي * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: 5 شيون سنتِ انبياء آهن، (انهن مان هڪ) حِلم آهي.([2]) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: بيشڪ مسلمان حِلم جي ذريعي ڏينهن جو روزو رکڻ ۽ رات جو عبادت ڪرڻ واري جو درجو حاصل ڪري وٺندو آهي.([3]) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: قيامت جي ڏينهن مخلوق کي گڏ ڪيو ويندو، هڪ اعلان ڪرڻ وارو اعلان ڪندو: فضيلت وارا ڪٿي آهن؟ هي ٻڌي ڪجهه ماڻهو اٿي جلدي جنت ڏانهن وڌندا، ملائڪ انهن کان پڇندا؟ توهان جلدي جلدي جنت ڏانهن ڇو پيا وڃو؟ اهي چوندا: اسان ئي فضيلت وارا آهيون. ملائڪ پڇندا: توهان جي فضيلت ڇا آهي؟ اهي چوندا: جڏهن اسان تي ظلم ڪيو


 

 



[1]...معجمِ کبیر،جلد:3،صفحہ:332،حدیث:5002خلاصۃً۔

[2]...معجم کبیر، جلد:5، صفحہ:324، حدیث:11282۔

[3]...معجم اوسط، جلد:4، صفحہ:369، حدیث:6273۔