Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf

محیط دِل پہ ہوا ہائے نفسِ اَمَّارہ                                                                     دِماغ پر مرے ابلیس چھا گیا یارَبّ!

رہائی مجھ کو ملے کاش! نفس و شیطاں سے                     ترے حبیب کا دیتا ہوں واسطہ یارَبّ! ([1])

نفس جي خواهشن کان بچو!

حديثِ پاڪ ۾ آهي: لَا یُؤْمِنُ اَحَدُکُمْ حَتّیٰ یَکُونَ ہَوَاہُ تَبَعًا لِمَا جِئْتُ بِہٖ، توهان مان ڪو ٻانهو ان وقت تائين (ڪامل) مؤمن نٿو ٿي سگهي، جيستائين ان جون خواهشون منهنجي آندل (دين) جي تابع نه ٿي وڃن.([2])

علماءِ ڪرام هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: ٻانهي تي لازم آهي ته الله ۽ رسول سان اهڙي محبت ڪري جو اها محبت ان کي الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانبرداري تي اڀاري ۽ گناهن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي.([3])

الله پاڪ اسان کي اهڙي توفيق عطا فرمائي، اسان جانورن جي قرباني ڪيون، ضرور ڪيون، ساڳئي وقت نفسِ اَمّاره جي به قرباني ڏيون، نفساني خواهشن جي به قرباني ڏيون، پنهنجي اندر جي ”مان“، پنهنجي اندر جي لالچ، دنيا جي محبت وغيره کي به قربان ڪري ڇڏيون، ڪاش! حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي صدقي، حضرت اسماعيل عَلَیْهِ السَّلَام جي صدقي اسان الله پاڪ جا حقيقي فرمانبردار ۽ ان جي رضا جا طلبگار ٻانها بڻجي وڃون. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

نيڪ اعمال (Naik Amal) موبائل ايپلي ڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ اعمالن ۾ اضافي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي،


 

 



[1]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:78۔

[2]... السُّنَّۃ لابن ابی عاصم، باب ما یجب ان کون...الخ، جز: 1، صفحہ:46، حدیث:15۔

[3]...جامع العلوم والحکم، صفحہ:397، حدیث:41۔