Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf
ڇڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن سامهون وارو ڪو جواب ڏئي ڇڏي، پوءِ ته بس...!! * ڏند پيهندا * مُٺيون ڀيڙيندا * نٿا ٻڌو ته وڃو کڏ ۾ * مون کي غرض ئي ڇا آهي، توهان کي سمجهائڻ جي * توهان مڃڻ واري مٽيءَ مان ٺهيل ئي نه آهيو وغيره ڳالهائي نيڪيءَ جي دعوت جو رهيل سهيل اثر به ختم ڪري ڇڏيندا آهن.
ڪاش! اسان کي حِلم جي دولت ملي وڃي * سامهون وارو غصو ڪري، حِلم اپنايو! * سامهون وارو گاريون ڏئي، حِلم اپنايو! * سامهون وارو برائيءَ سان پيش اچي، حِلم اپنايو! * ڪو ماري پوءِ به حِلم * ڪو ستائي، پوءِ به حِلم * ڪو جهالت وارو معاملو ڪري، پوءِ به حِلم * بس اسان حِلم کي پنهنجي زندگيءَ جو اصول بڻائي وٺون، ڏسجو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگيءَ ۾ سڪون به اچي ويندو، زبان ۾ تاثير به اچي ويندي، ڪردار ۾ حسن به ايندو، عزت ۾ به اضافو ٿيندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته آخرت ۾ به ٻيڙو پار ٿي ويندو.
تُو عطا حِلْم کی بھیک کر دے میرے اخلاق بھی ٹھیک کر دے
تجھ کو فاروق کا واسطہ ہے یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ٻي ڳالهه به ياد رکو! حِلم جو هڪ قاعدو آهي، اهو هي ته جيتري سامهون واري جي جهالت وڌي، اوترو ئي اسان جو حِلم به وڌي. اسان وٽ ان جو اُبتڙ ٿئي ٿو، ماڻهو هڪ حد تائين ته برداشت ڪري ٿو پر سامهون کان جيئن جيئن جهالت، غصو، طنز ۽ دل آزاري وارو رويو وڌندو آهي، انهيءَ حساب سان اسان جو حِلم گهٽجندو ويندو آهي. هي غلط ڳالهه آهي، اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم