Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf
ويندو هو ته اسان صبر ڪندا هئاسين، اسان سان برو رويو اختيار ڪيو ويندو هو ته اسان معاف ڪندا هئاسين ۽ جڏهن اسان سان ڪو جهالت وارو برتاءُ ڪندو هو ته اسان حِلم جو مظاهرو ڪندا هئاسين.([1])
تُو عطا حِلْم کی بھیک کر دے میرے اخلاق بھی ٹھیک کر دے
تجھ کو فاروق کا واسطہ ہے یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے ([2])
حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام اَوَّاھ آهن
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جو ٻيو وصف جيڪو سورت هود جي آيت:75 ۾ ارشاد ٿيو، اهو آهي: اَوَّاہٌ. ان جي لفظي معنيٰ آهي: گهڻو آهون ڀريندڙ.
حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام هن وصف ۾ به وڏو ڪمال رکندا هئا، پاڻ خوفِ خدا سبب، الله پاڪ جي محبت ۾ گهڻيون آهون ڀريندا، خوب گريه و زاري ڪندا هئا.
حضرت ابراهيم عَلَیْہِ السَّلَام جي آه و زاري جا 2 مثال
* اِحياءُ عُلُومِ الدِّين ۾ آهي: الله پاڪ جا خليل حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جڏهن نماز لاءِ بيهندا هئا ته خوفِ خدا سبب ايترو روئندا هئا جو هڪ ميل (تقريبن ڏيڍ ڪلو ميٽر) جي فاصلي تان سندن سيني ۾ ٿيندڙ گڙگڙاهٽ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو.([3]) * اهڙي طرح جڏهن پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام تي خوفِ خدا جو غلبو ٿيندو هو ته ايترو روئندا هئا جو الله پاڪ (سندن تسڪين خاطر) حضرت جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام کي موڪليندو هو، حضرت جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام عرض ڪندا هئا: اي ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام! (الله پاڪ فرمائي ٿو) ڇا توهان ڪڏهن اهڙو دوست ڏٺو آهي جيڪو پنهنجي دوست کي عذاب ڏيندو هجي؟