Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf
وڃڻ ممڪن نه آهي، اهڙي طرح خوفِ خدا سان روئڻ واري شخص جو دوزخ ۾ وڃڻ ناممڪن آهي.([1])
لائِقِ نار ہیں مِرے اعمال التجا یاخُدا کرم کی ہے([2])
ڪاش! اسان کي به خوفِ خدا نصيب ٿئي، اسان جيئن سنتِ ابراهيمي جي ادائگي لاءِ قرباني ڪيون ٿا، ڪاش! اهڙي طرح پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام جو وصف اپنائيندي اَوَّاہ (يعني خوفِ خدا سبب گهڻيون آهون ڀريندڙ، خوفِ خدا ۾ خوب روئڻ، ڳوڙها وهائڻ وارا) بڻجي وڃون.
تِرے خوف سے، تیرے ڈر سے ہمیشہ میں تھر تھر رہوں کانپتا یااِلٰہی!
مِرے اَشْک بہتے رہیں کاش ہر دَم ترے خوف سے یاخُدا یااِلٰہی! ([3])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام مُنيب آهن
حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جو ٽيون وصف جيڪو قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿيو، اهو آهي: مُنِيب. هي لفظ اِنَابَةٌ مان ٺهيل آهي ۽ اِنَابَةٌ جي معنيٰ آهي: اَلرُّجُوْعُ مِنَ الْکُلِّ اِلیٰ مَنْ لَہٗ الْکُلُّ، سڀ ڪجهه ڇڏي صرف ان جو ٿي وڃڻ جيڪو سڀني جو مالڪ آهي.[4] ان لحاظ سان آيتِ ڪريمه جي معنيٰ ٿيندي: حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام دنيا ۽ دنيا جو سڀ ڪجهه ڇڏي، صرف الله پاڪ ڏانهن رجوع ڪندڙ آهن.
حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام ۽ محبتِ الٰهي
هن معاملي ۾ ته حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام نرالي ئي شان جا مالڪ آهن. پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام الله پاڪ جي محبت ۾ جهڙيون قربانيون پيش ڪيون آهن،