Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه مان معلوم ٿيو: جيڪڏهن اسان حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جو قرب چاهيون ٿا ته ان لاءِ سندن سيرت ۽ ڪردار مان، سندن پاڪيزه عادتن مان روشني وٺڻ ۽ سندن جهڙا اعليٰ اوصاف اپنائڻ به ضروري آهي.
حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جا 3 اعليٰ اوصاف
اسان بيان جي شروعات ۾ سيپارو:12، سورت هود جي آيت: 75 جو ڪجهه حصو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، آيتِ ڪريمه جي هن حصي ۾ ربِ ڪريم حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جا 3 اعليٰ اوصاف بيان فرمايا آهن، ارشاد ٿئي ٿو:
اِنَّ اِبْرٰہِیْمَ لَحَلِیْمٌ اَوَّاہٌ مُّنِیْبٌ (۷۵)
(سيپارو: 12، هود: 75)
ترجموڪنزُالعرفان: بيشڪ ابراهيم وڏو بردبار، گهڻو آھ وزاري ڪندڙ، رجوع ڪرڻ وارو آهي.
هي 3 اعليٰ اوصاف آهن: (1): حِلم (2): اَوَّاہ ۽ (3): مُنِیْب
حِلم جي معنيٰ آهي: بردباري، نرم دلي، (Tolerance). امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ماڻهوءَ کي غصو اچي ۽ اهو ڪوشش ڪري، تڪليف سان، نفس کي مجبور ڪري غصي کي دٻائي ڇڏي ته ان عمل کي کَظْمُ الْغَیْظ (يعني غصو پي وڃڻ) چيو ويندو آهي، جيڪڏهن بار بار اهڙي طرح غصو پيئڻ جي مشق (Practice) ڪئي وڃي، ته جيڪڏهن غصو اچي به ته ان کي دٻائڻ ۾ تڪليف سان ڪم نه وٺڻو پوي بلڪه آسانيءَ سان دٻجي وڃي، ان کي حِلم چيو ويندو آهي.([1])
حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جو اعليٰ وصف ڇا آهي؟ حِلم. پاڻ تمام گهڻا حِلم وارا هئا، جڏهن به ڪو سندن سان جهالت وارو معاملو ڪندو هو ته پاڻ صبر ۽ تحمل، نرمي ۽ برداشت جو مظاهرو ڪندا هئا.