Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf

حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام سان نسبت ڪڏهن درست ٿيندي؟

حضور غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مؤمن ٻانهو ”لِمَ“ (يعني ڇو)؟ ۽ ”ڪيفَ“ (يعني ڪيئن)؟ نٿو ڄاڻي (يعني مؤمن ٻانهو اهو نٿو ڏسي ته حڪم ڇو ڏنو ويو؟ ڪيئن ڏنو ويو؟ بلڪه هڪ مسلمان صرف اهو ڏسندو آهي ته حڪم ڪنهن ڏنو؟ الله پاڪ حڪم ڏنو آهي، ان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حڪم ڏنو آهي ته بس هاڻي ٻانهو ان کي بجا آڻي ٿو، ان تي اعتراض ناهي ڪندو، چاهي سر ڌڙ جي بازي ئي ڇو نه لڳائڻي پوي، اهو الله ۽ رسول جي حڪم تي عمل ڪندو آهي.

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: نفسِ اَمّاره شر ئي شر آهي، جيڪڏهن ماڻهو مجاهدو ڪري (يعني پاڻ کي مشقت ۾ وجهي، هر حال ۾ الله ۽ رسول جي حڪم تي عمل ڪري ته آهستي آهستي) نفسِ اَمّاره نفسِ مُطمَئِنَّه بڻجي ويندو آهي، جڏهن نفسِ اَمّاره نفسِ مُطمَئِنَّه بڻجي وڃي ته ماڻهو اطاعت ڪندو آهي، گناهن کان بچندو آهي، هن درجي تي اچي نفسِ انساني خير ئي خير ٿي ويندو آهي، ان وقت انسان نفساني خواهشن کان بچي ويندو آهي، پوري طرح الله پاڪ تي ڀروسو رکندو آهي ۽ هي ئي اهو درجو آهي جو جڏهن انسان جي حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام سان نسبت درست ٿئي ٿي (يعني هن درجي تي پهچي اهو چئي سگهجي ٿو ته هي ٻانهو سنتِ ابراهيمي تي عمل ڪندڙ آهي)، ان وقت الله پاڪ ٻانهي جي بي حساب مدد فرمائيندو آهي ۽ آخرت ۾ ان کي بي حساب نعمتن سان نوازيندو آهي.([1])

اي عاشقانِ رسول! هي آهي قربانيءَ جو اصل سبق ته اسان الله پاڪ جي ڪامل اطاعت ڪيون، ڇا؟ ڇو؟ ڪيئن؟ کي نه ڏسون، عقل جا گهوڙا نه ڊوڙايون بلڪه اکيون بند ڪري حڪمِ شريعت تي عمل ڪيون، نفساني خواهشن کان بچون، نفسِ اَمّاره جي خباثتن کان بچون، پنهنجي اصلاح ڪيون ايستائين جو نفسِ مُطمَئِنَّه حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.


 

 



[1]...الفتح الربانی والفیض الرحمانی، المجلس الاول، صفحہ:14خلاصۃً۔