Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf
انهن جو مثال نٿو ملي. * پاڻ جنهن قوم ڏانهن نبي بڻائي موڪليا ويا، اها ڪافر قوم هئي، کين حڪم ٿيو، انهن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيو! پاڻ خوب صبر ۽ تحمل سان، حڪمتِ عملي سان نيڪيءَ جي دعوت ڏني، ماڻهن معاذ الله! کين نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، کين ستايو ويو، پاڻ الله پاڪ جي رضا خاطر ان جي ڪا پرواهه نه ڪئي * الله پاڪ جي رضا خاطر پاڻ نمرود خلاف ڪلمهءِ حق بلند فرمايو ۽ خطرن باوجود ان تي قائم رهيا * پوءِ جڏهن نمرود کين معاذ الله! باهه ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ ان تي به صبر ڪيو، يعني الله ڪريم جي راهه ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به پوئتي نه هٽيا * پوءِ کين پنهنجو گهر ٻار ڇڏي هجرت ڪرڻ جو حڪم ٿيو، پاڻ ان جي به قرباني ڏني * سندن پٽ حضرت اسماعيل عَلَیْهِ السَّلَام جي ولادت ٿي، حڪم ٿيو: انهن کي ۽ انهن جي والده حضرت هاجره رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا کي مڪي پاڪ ڇڏي اچو، حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام الله پاڪ جي رضا لاءِ هي قرباني به پيش ڪئي * پوءِ حڪم ٿيو: پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل عَلَیْهِ السَّلَام جي قرباني پيش ڪريو! حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام پٽ جي گلي تي به ڇري رکي ڇڏي. غرض: سندن سيرتِ پاڪ پڙهي هر صاحبِ عقل اهو ئي فيصلو ڪندو ته هي اها عظيم شخصيت آهن جن هر شيءِ جي مالڪ يعني الله پاڪ خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو.
ذڪر الله ٻڌڻ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو
روايتن ۾ آهي: (هجرت کان پوءِ) حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام کي الله پاڪ تمام گهڻو مال عطا فرمايو هو، سندن وٽ رڍون، ٻڪريون، اٺ، ڳئون وغيره ايترا جانور هئا جو انهن جي حفاظت لاءِ پاڻ 5 هزار ڪتا رکيا هئا، هر ڪتي جي گلي ۾ سون جا پٽا هئا، هڪ ڀيري پاڻ پنهنجي جانورن جي سارَ سنڀار ڪري رهيا هئا، ان وقت هڪ فرشتو انساني شڪل ۾ آيو ۽ هڪ غار ۾ ويهي الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ لڳو. حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام