Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf

حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام  جي حِلم  جو   هڪ مثال

حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جو هڪ چاچو هو: آزر. هي ڪافر ۽ مشرڪ هو، خود پنهنجي هٿن سان مورتيون ٺاهيندو هو، انهن کي وڪڻندو به هو ۽ انهن جي پوڄا به ڪندو هو. حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام هڪ ڀيري ان کي نيڪيءَ جي دعوت ڏني ۽ شفقت طور ان کي چاچو نه بلڪه والد چئي سڏيو، فرمايائون: * اي منهنجا والد! تون ڇو اهڙي جي عبادت ڪري رهيو آهين جيڪو نه ٻڌي ٿو، نه ڏسي ٿو، نه توکي ڪو فائدو پهچائي سگهي ٿو * اي منهنجا والد! الله پاڪ مون کي پنهنجي سڃاڻپ عطا ڪئي، منهنجي طرف وحي فرمائي، مون کي علم جي دولت سان نوازيو، تنهن ڪري منهنجي پيروي ڪر! مان توکي سڌي راهه ڏيکاريندس * اي منهنجا والد! شيطان جي پويان نه هل، بيشڪ شيطان ربِ رحمان جو وڏو نافرمان آهي * اي منهنجا والد! مون کي ڊپ آهي ته متان توتي الله پاڪ جو عذاب نه اچي وڃي.

غور فرمايو! ڪيترو مٺو ۽ پيارو انداز آهي، پاڻ هن مختصر نيڪيءَ جي دعوت ۾ پنهنجي چاچي کي 4 ڀيرا والد چئي سڏيو، نرميءَ سان، پيار سان، نرالي انداز ۾ ان کي سمجهايائون پر آزر ڇا جواب ڏنو؟ چيائين:

اَرَاغِبٌ اَنْتَ عَنْ  اٰلِہَتِیْ یٰۤـاِبْرٰہِیْمُ ۚ لَئِنْ لَّمْ تَنْتَہِ لَاَرْجُمَنَّکَ

(سيپارو: 16، مريم: 46)

ترجموڪنزُ العرفان: ڇا تون منهنجي خُدائن کان منهن موڙين ٿو؟ اي ابراهيم! بيشڪ جيڪڏهن تون نه مُڙين ته مان توکي پٿر هڻندُس.

اللهُ اَڪبر! ڪيترو سخت لهجو آهي، آزر حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي گلن جي بدلي ڄڻ ته مٿن پٿر وسايا يعني ايتري پيار ڀري نيڪيءَ جو اهڙو ڪڙو جواب ڏنو پر حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي حِلم تي قربان وڃجي! پاڻ آزر جي انهن زهريلن تيرن جي جواب ۾ وري گل وسايا، فرمايائون: