Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf

جڏهن فرشتي جو آواز ٻڌو ته غار ۾ پهتا، اتي ويهي ذڪر الله ٻڌڻ لڳا. ڪجهه دير کان پوءِ فرشتو خاموش ٿي ويو. حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام فرمايو: منهنجي محبوب (يعني الله پاڪ) جو ذڪر وڌيڪ ٻڌاءِ! فرشتي چيو: پهرين مان پنهنجي مرضيءَ سان ذڪر ڪري رهيو هئس، هاڻي توهان جي چوڻ تي ڪندس ته مون کي ڇا ڏيندا؟ پاڻ پنهنجون سڀ ٻڪريون ان کي ڏئي ڇڏيون. فرشتي ٻيهر ذڪر ڪرڻ شروع ڪيو. پاڻ ٻڌندا رهيا. ڪجهه دير کان پوءِ فرشتو وري خاموش ٿي ويو. پاڻ فرمايائون: وڌيڪ ذڪر ٻڌاءِ! فرشتو چيو: هاڻي ڇا ڏيندا؟ پاڻ پنهنجا سڀ اٺ ان کي ڏئي ڇڏيا. غرض: اهڙي طرح هڪ هڪ ڪري سڀ جانور، پنهنجي سڄي جائيداد، مڪان، سڀ سامان ڏئي ڇڏيو، آخر جڏهن سڀ ختم ٿي ويو ته فرشتي چيو: هاڻي ذڪر الله ٻڌڻ لاءِ ڇا ڏيندا؟ فرمايائون: هاڻي تون مون کي ئي رک ۽ الله پاڪ جو ذڪر ٻڌاءِ. تڏهن فرشتي چيو: توهان الله پاڪ جا خليل آهيو. ان ڏينهن کان سندن لقب خليل الله ٿيو.([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  هي آهي: اَلرُّجُوْعُ مِنَ الْکُلِّ اِلیٰ مَنْ لَہٗ الْکُلُّ يعني سڀ ڪجهه ڇڏي صرف ان جو ٿي وڃڻ جيڪو سڀني جو مالڪ آهي. ڪاش! حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي صدقي اسان به مُنيب بڻجي وڃون. اسان به نفس جي خواهشن کان جان ڇڏايون، دل مان دنيا جي محبت ڪڍون، مال جي محبت کان پيڇو ڇڏايون، دنيا جي عارضي فاني عزت، شهرت، عهدي ۽ منصب جي طلب ڇڏيون، آخرت جي فڪر ڪريون، الله پاڪ جي رضا جا طلبگار بڻجي وڃون. ڪاش! اسان جو سڀ کان پهريون ۽ آخري مقصد صرف ۽ صرف الله ۽ رسول کي راضي ڪرڻ بڻجي وڃي.

تاج و تخت و حکومت مت دے                                                                          کثرتِ مال و دولت مت دے

اپنی رِضا کا دیدے مژدہ                                                                                                     یااللہ!  مِری  جھولی  بھر  دے([2])


 

 



[1]...تفسیرِ نعیمی،پارہ:5 ،النسآء ،زیرِ آیت :125 ،جلد:5 ،صفحہ:515بتغیر قلیل۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:123۔