Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf

مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: لفظِ اَوْلیٰ جون 2 معنائون ٿين ٿيون: (1): ويجهو (2): حقدار. هن آيتِ ڪريمه ۾ قرب واري معنيٰ به ٿي سگهي ٿي ۽ حقدار واري به، مطلب هي ٿيندو ته هن دنيا ۾ به ۽ قيامت واري ڏينهن به حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام  جي قريب ترين ۽ حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جا حقدار اهي ماڻهو آهن، جيڪي سندن پيروي ڪندڙ آهن.([1])

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هن آيت ڪريمه مان 3 مسئلا معلوم ٿيا:
(1): نبيءَ جو قرب سندن اطاعت سان حاصل ٿئي ٿو. (2): مسلمان ئي سچا ابراهيمي آهن، انهيءَ ڪري ئي سڀ ابراهيمي سنتون مثال طور: حج، قرباني، ختنو، ڏاڙهي وغيره اسلام ۾ موجود آهن. (3): ٽيون مسئلو اهو معلوم ٿيو ته بزرگن (يعني الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن، نبين ۽ ولين) سان نسبت الله پاڪ جي اعليٰ نعمت آهي ته جيڪي حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام سان سچي نسبت رکن ٿا،([2]) (سندن) ڪامل پيروي ڪندڙ آهن، الله پاڪ انهن لاءِ فرمايو:

وَ اللّٰہُ وَلِیُّ  الْمُؤْمِنِیْنَ (۶۸)

(سيپارو: 3، آلِ عمران: 68)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ الله ايمان وارن جو مددگار آهي

مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آيتِ ڪريمه جي هن حصي جي تحت فرمائن ٿا: (معلوم ٿيو: نيڪ) اعمالَ سڌو سنئون نجات جو ذريعو نه آهن بلڪه نيڪ اعمال قربِ پيغمبر جو ذريعو آهن، قربِ پيغمبر قربِ خدا جو وسيلو آهي ۽ قربِ خدا رحمت ۽ مغفرت جو ذريعو آهي.([3])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                        صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...تفسیرِ نعیمی،پارہ:3 ،آلِ عمران،زیرِ آیت:68 ،جلد:3 ،صفحہ:532خلاصۃً۔

[2]...تفسیر صراط الجنان،پارہ:3 ،آلِ عمران،زیرِ آیت:68،جلد:1 ،صفحہ:496 بتغیر قلیل۔

[3]...تفسیرِ نعیمی،پارہ:3 ،آلِ عمران،زیرِ آیت:68 ،جلد:3 ،صفحہ:535بتغیر قلیل۔