Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf
سَلٰمٌ عَلَیْکَ ۚ سَاَسْتَغْفِرُ لَکَ رَبِّیْ ؕ اِنَّہٗ کَانَ بِیْ حَفِیًّا (۴۷)
(پارہ:16، مریم: 47)
ترجموڪنزالعرفان: بس توکي سلام آهي. جلد ئي مان تنهنجي لاءِ پنهنجي رب کان معافي گهرندس. بيشڪ اُهو مون تي وڏو مهربان آهي.
پوءِ پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام آزر لاءِ دعائون به ڪندا رهيا، آخر جڏهن مٿن واضح ڪيو ويو ته آزر ڪنهن صورت ۾ ايمان قبول نه ڪندو، اهو الله پاڪ جو دشمن آهي، پوءِ پاڻ ان لاءِ دعاءِ مغفرت ڪرڻ ڇڏي ڏني.([1])
لفظوں کی آبرُو کو یُوں نہ گنوائیے کہ جو مانتا نہیں اسے کہنا فضول ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي حِلم...!! حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام پيار سان سمجهائن ٿا ۽ آزر پٿر هڻڻ جي ڌمڪي ڏئي ٿو، حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام پوءِ به ان جو بُرو نٿا مڃن بلڪه ان سان نرمي ۽ حِلم سان ئي پيش اچن ٿا.
الله پاڪ اسان کي به حِلم جي دولت نصيب فرمائي. اسان وٽ عام طور تي حِلم ۽ برداشت جي کوٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، خاص ڪري سمجهائڻ جي معاملي ۾ ته ڪجهه وڌيڪ ئي جلدبازي ۽ تيزيءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي * والدين پنهنجي اولاد کي سمجهائيندي غصي سان لال پيلا ٿي ويندا آهن * ڀاءُ ڀاءُ کي سمجهائي * گهر ۾ ڪنهن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻي هجي * ٻاهر ڪنهن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻي هجي ته ماڻهو تيز جملا ڳالهائيندا آهن ، مثال طور: * توکي لک ڀيرا سمجهايم، سمجهين ئي نٿو * ڪو عقل به آهي يا نه آهي * دماغ نه، مٿي ۾ ڀوسو ڀريل آهي وغيره جملا ڳالهائي سامهون واري کي وڌيڪ نفرت ڏياري