Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein

ڪرام، سيرتِ امير اهل سنت، ملفوظاتِ اميرِ اهل سنت ۽ فيضانِ مدني مذاڪرو، اوراد ۽ وظائف ۽ نعتيه ڪلام وغيره) تي ٻڌل ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. المدينه آن لائن لائبريري مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net/bookslibrary  وزٽ ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان کي پڄاڻيءَ طرف آڻيندي، اچو! هڪ شرعي مسئلو ٻڌون ٿا:

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلطي جي نشاندهي)

مسئلو: نابالغ ڇوڪر کي سون جي منڊي پهرائڻ حرام آهي.

وضاحت: هي به عوام ۾ ملندڙ هڪ غلطي آهي ته ٻار جي پيدائش تي ڇوڪري کي سون جي منڊي پهرائي ويندي آهي. ياد رکو! نابالغ ڇوڪري کي سون جي منڊي پهرائڻ به اهڙيءَ طرح ناجائز، گناهه ۽ حرام آهي، جيئن ڪنهن بالغ کي سون جي منڊي پهرائڻ حرام آهي. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بالغ ۽ نابالغ ۾ فرق ڪرڻ کان سواءِ مذڪر جي حق ۾ سون کي حرام قرار ڏنو آهي. انهيءَ ڪري نابالغ ڇوڪري کي به سون جي منڊي پارائڻ حرام آهي، البته نابالغ کي منڊي پارائڻ جي صورت ۾ اهو گناهه ان ٻار تي نه پر منڊي پارائڻ واري تي هوندو ڇاڪاڻ ته نابالغ مڪلف ناهي يعني ان تي شريعت جا احڪام لازم ناهن([1])

صدر الشريعه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيه فرمائن ٿا: ڇوڪرن کي سون چانديءَ جا زيور پارائڻ حرام آهن ۽ جنهن پارايا اهو گنهگار ٿيندو.([2]) الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم 


 

 



[1]...دارُ الافتاء اہلسنت، غیر مطبوع،ریفرنس  نمبر:7892 ۔

[2]...بہارِ شریعت، جلد:3، صفحہ:428، حصہ:16۔