Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein

مُحَمَّدٌ  رَّسُوۡلُ اللّٰہِ ؕ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗۤ اَشِدَّآءُ  عَلَی الۡکُفَّارِ  رُحَمَآءُ  بَیۡنَہُمۡ تَرٰىہُمۡ  رُکَّعًا سُجَّدًا یَّبۡتَغُوۡنَ  فَضۡلًا مِّنَ  اللّٰہِ  وَ رِضۡوَانًا ۫ سِیۡمَاہُمۡ  فِیۡ وُجُوۡہِہِمۡ  مِّنۡ  اَثَرِ السُّجُوۡدِ ؕ ذٰلِکَ مَثَلُہُمۡ  فِی التَّوۡرٰىۃِ   ۚۖۛ وَ مَثَلُہُمۡ  فِی الۡاِنۡجِیۡلِ  ۚ۟ۛ

صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہٗ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپاري: 26، سورت فَتح، آيت: 29 جو ڪجهه حصو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ پنهنجي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جي جان نثار صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي سڃاڻپ ڪرائي آهي، فرمايو:

مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِؕ-وَ الَّذِیْنَ مَعَهٗۤ اَشِدَّآءُ عَلَى الْكُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیْنَهُمْ تَرٰىهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا یَّبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَ رِضْوَانًا٘-سِیْمَاهُمْ فِیْ وُجُوْهِهِمْ مِّنْ اَثَرِ السُّجُوْدِؕ                 (سيپارو: 26، سورت فتح: 29) 

ترجموڪنزُالعرفان: محمد الله جا رسول آهن ۽ ان جا ساٿي ڪافرن تي سخت، پاڻ ۾ نرم دل آهن. تون انهن کي رڪوع ڪندي، سجدا ڪندي ڏسندين، الله جو فضل چاهن ٿا، ان جي علامت انهن جي چهرن ۾ سجدن جي نشان سان آهي.

هي صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جا 5 اعليٰ وصف بيان ٿيا آهن؛ صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان اهي بلند رتبي وارا ماڻهو آهن جو (1): جيڪي ڪافرن تي تمام سخت آهن (2): پاڻ ۾ تمام نرم دل آهن (3): ڪثرت سان نمازون پڙهندا آهن، ڪڏهن سجدا ڪندا آهن، ڪڏهن رڪوع ڪندا آهن (4): ۽ عبادت به اهڙي شاندار ڪندا آهن جو ان ۾ ذري برابر به رياڪاري ناهي هوندي، هي ڏيکاءُ ناهن ڪندا بلڪ سندن مقصد صرف ۽ صرف الله پاڪ جو فضل ۽ ان جي رضا آهي (5): وڌيڪ صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان اهي هستيون آهن جو سندن چهرن تي سجدن جا نشان ۽ عبادت جو نور نظر ايندو آهي.