Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein

  سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جا هي 5 اعليٰ وصف ذڪر ڪرڻ کانپوءِ فرمايو:

ذٰلِكَ مَثَلُهُمْ فِی التَّوْرٰىةِ ﳝ- وَ مَثَلُهُمْ فِی الْاِنْجِیْلِ ﱠ     ( سيپارو: 26، سورت فتح: 29)    

ترجموڪنزُالعرفان: هي انهن جي صفت تورات ۾ (مذڪور) آهي ۽ انهن جي صفت انجيل ۾ (مذڪور) آهي. 

الله! الله! صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضۡوَان جي ڪيڏي نه نرالي شان آهي، ڏسو! اسان جڏهن دنيا ۾ آيا ئي نه هئاسين، ان وقت اسان کي ڪو به نه سڃاڻيندو هو، اسان کي ڪنهن خواب (Dream) ۾ به نه ڏٺو هوندو، پوءِ جڏهن اسان دنيا ۾ اچي وياسين، تڏهن به گھر وارا، عزيز مائٽ ۽ ڪجهه محلي وارا ئي اسان کي سڃاڻيندا هئا، هاڻي جڏهن اسان وڏا ٿي ويا آهيون، هاڻي به اسان کي سڃاڻڻ وارا ٿورا ماڻهو آهن، ڪنهن جا سَوَن ۾ هوندا، ڪنهن جا هزارن يا لکن ۾ هوندا پر قربان وڃجي! پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيارن پيارن صحابه ڪرام جي نرالي شان آهي، هي حضرات اڃا دنيا ۾ آيا به نه هئا، ان کان صديون اڳ سندن تذڪرا دنيا ۾ موجود هئا، پوئين آسماني ڪتابن مثال طور تورات شريف ۾، انجيلِ مُقَدَّس ۾ صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جا اوصاف ۽ ڪمالات لکيل هئا، ماڻهو انهن کي سڃاڻيندا به هئا، سندن ذڪرِ خير به ڪندا هئا ۽ هي ذڪر به ڪو عام ذڪر نه هو بلڪ الله پاڪ جي ڪلام ۾ صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي ذڪرِ خير جي باقاعده تلاوت ڪئي ويندي هئي ۽ ماڻهو ثواب جي اميد تي سندن ذڪرِ خير ڪندا هئا.

خيال رهي! پوين آسماني ڪتابن ۾ ماڻهن پنهنجي مرضيءَ مطابق تحريف (يعني تبديلي) ڪري ڇڏي هئي، انهيءَ ڪري انهن آسماني ڪتابن کي پڙهڻ هاڻي درست ناهي. البته ماڻهن جي تحريفن جي باوجود انهن ڪتابن ۾ صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جا تذڪرا موجود هئا.