Book Name:Ibadat Ke Faide

اسان جو رَبّ ڪير آهي؟

الَّذِیْ خَلَقَكُمْ وَ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ             ترجمو ڪنزُ العرفان: جنهن توهان کي ۽ توهان کان پهرين ماڻهن کي پيدا ڪيو.

هي جملو الله پاڪ جي عبادت جو حقدار هجڻ جي دليل آهي. يعني الله پاڪ ئي اهو آهي جنهن توهان تي بيشمار انعام فرمايا، توهان اڃا دنيا ۾ آيا به نه هئا، ان کان صديون پهرين توهان تي انعامن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو.

ٿورو غور ڪيو! جيڪڏهن الله پاڪ حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي پيدا نه فرمائي ها ته ڇا اسان دنيا ۾ اچون ها؟ نه. ڀلا! آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي پيدا فرمايو، انهن وٽ اَوْلاد ئي نه ٿئي ها ته ڇا اسان دنيا ۾ اچون ها؟ نه. هلو! اولاد به ٿي پر سندن اَوْلاد ۽ سندن اولاد کان پوءِ هزارين، ڪروڙين، اربين انسانن جو سلسلو نه هلي ها ته ڇا اسان دنيا ۾ اچون ها؟ نه. هلو! هي انسانن جو سلسلو به هليو، جيڪڏهن اسان جا والدين سُنڍ ٿي وڃن ها ته ڇا اسان دنيا ۾ هجون ها؟ نه. هلو! اسان پيدا به ٿياسين، ڪيترا ئي اهڙا ٻار آهن جيڪي پيدا ٿيندي ئي مري ويندا آهن، پيدائشي طور تي چريا هوندا آهن، ڪيترائي اهڙا آهن جن کي پيدا ٿيندي ئي I.C.U ۾ رکڻو پوندو آهي، خدانخواسته جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ها ته ڇا اڄ مان ڊاڪٽر، انجنيئر، اَفْسر ۽ نه ڄاڻ ڇا ڇا بڻجي سگهان ها؟ نه بڻجي سگهان ها. وڌيڪ غور ڪيو! اسان جا ابا ڏاڏا به پيدا ٿيا، اسان به دنيا ۾ اچي وياسين پر جيڪڏهن هتي زندگي گذارڻ جا سبب ئي نه هجن ها ته...؟ ڪائنات ۾ ڪيترا ئي سيارا آهن، مشتري، مريخ، زُحل وغيره، سائنسدانن موجب جتي وڃڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر اتي زندگي گذارڻ جا سبب ناهن، آڪسيجن، هوا، پاڻي وغيره هزارين قسمن جون ضرورتون آهن، جيڪي اتي ناهن، ان ڪري اسان اتي نٿا وڃي سگهون، هليا به وياسين ته زنده نه رهي سگهنداسين، جيڪڏهن هي زمين به اهڙي ئي هجي ها ته...؟ ڇا اسان دنيا ۾ هجون ها؟ ڇا اسان هتي زندگي گذاري سگهون ها؟ ڇا هتي لکين، ڪروڙين جا ڪاروبار شروع ڪري سگهون ها؟ هي سڀ نعمتون جيڪي اسان کي نظر اچي رهيون آهن، جن کي اسان استعمال ڪري رهيا آهيون، ڇا هي سڀ ڪجهه هجي ها؟ نه هجي ها.