Book Name:Ibadat Ke Faide
اندازو لڳايو! هي ڪيترين صدين تي مشتمل انعام آهن جيڪي اسان تي مسلسل ٿيندا رهن ٿا، الله پاڪ اسان کي به پيدا ڪيو، اسان کان پهرين جيڪي اسان جا ابا ڏاڏا، پڙڏاڏا وغيره ٿيا، انهن کي به پيدا ڪيو، پوءِ انهن مان هر هڪ کي صرف پيدا نه ڪيو بلڪه انهن لاءِ زندگي گذارڻ جا سبب به مهيا ڪيا، انهن کي زندگي به ڏني ۽ انهن جي پرورش، مُناسب نشونما ۽ دنيا ۾ جيئرو رهڻ جا سبب به فراهم ڪيا، ڇا ڪا ٻي اهڙي هستي آهي جيڪا اسان تي ايترا سارا انعام ڪري سگهي؟ ڇا ڪو ٻيو خالِق آهي؟ ڪو رازِق آهي؟ اهي سڀ ڪوڙا خُدا جن کي غير مسلم پوڄيندا آهن، ڇا انهن مان ڪو آهي جيڪو ايترا انعام ڪري سگهي؟ ناهي، هرگز ناهي. ڪُفّارِ مڪه به هن ڳالهه کي تسليم ڪيو هو، قرآنِ ڪريم ۾ آهي
قُلْ مَنْ یَّرْزُقُكُمْ مِّنَ السَّمَآءِ وَ الْاَرْضِ اَمَّنْ یَّمْلِكُ السَّمْعَ وَ الْاَبْصَارَ وَ مَنْ یُّخْرِ جُ الْحَیَّ مِنَ الْمَیِّتِ وَ یُخْرِ جُ الْمَیِّتَ مِنَ الْحَیِّ وَ مَنْ یُّدَبِّرُ الْاَمْرَؕ-فَسَیَقُوْلُوْنَ اللّٰهُۚ-فَقُلْ اَفَلَا تَتَّقُوْنَ(۳۱) (سيپارو: 11، اليونس: 31)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اوهان فرمايو: آسمان ۽ زمين مان کي ڪير روزي ڏيندو آهي؟ يا ڪن ۽ اکين جو مالڪ ڪير آهي؟ ۽ زندھ کي مردي مان ۽ مردي کي زندھ مان ڪير ڪڍندو آهي؟ ڪير تمام ڪمن جي تدبير ڪندو آهي؟ ته هاڻي چوندا: ”الله“ ته اوهان فرمايو ته توهان ڊڄو ڇو نٿا؟
الله پاڪ فرمايو:
فَذٰلِکُمُ اللّٰہُ رَبُّکُمُ الۡحَقُّ ۚ
(سيپارو: 11، اليونس: 32)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ته هي الله آهي جيڪو توهان جو سچو ربّ آهي.
ڪجهه نادان اهو به چئي ويهندا آهن ته هي جيڪو دنيا جو نظام هلي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه نيچر جي تحت هلي رهيو آهي، دنيا جو نظام آهي ته هڪ مخصوص مرحلي مان گذرڻ کان پوءِ ٻار پيدا ٿيندو آهي، پوءِ اهو وڏو ٿيندو آهي، پوءِ جڏهن ان جا عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ته اهو مري ويندو آهي. هي بلڪل بيوقوفي واري ڳالهه آهي، اهڙن نادانن کان صرف ايترو سوال آهي ته هڪ ٻار جيڪو انسانن وٽ پيدا ٿيو، آخر ڪهڙو سبب آهي جو اهو ڪنهن جانور وٽ پيدا نه ٿيو؟ يا هڪ ٻار جيڪو جانور جي پيٽ مان پيدا ٿيو، ڪهڙو