Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن ڪنهن طبيب وٽ ہر بيماري جي بهتر کان بهتر دَوا مَوۡجُود ہجي ۽ ٻيا ماڻهو ان مان فائدو به حاصل ڪندا ہجن، پر جڏهن خُود ان طبيب کي اهو مَرَض لاحِق ٿئي ته لاپرواهي سان ڪم وٺندو رهي ۽ آخرڪار جان کان هٿ ڌوئي ويهي، ته ان کي بيوقوف ئي چيو ويندو۔ بلڪل اهڙي طرح جيڪي ماڻهون ٻين کي ته گناھن کان بچڻ ۽ نيڪيون

ڪرڻ جي  نصيحت ڪندا آهن، پر پاڻ عمل جي ڪوشش نه ٿا ڪن، اهي به سَراسَر نُقصان ۾ آهن۔

        نبي مُڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرۡشاد فرمايو :''ڪجھ جنّتي ماڻهو جہنمين جي طرف ويندا، ته ان کان پُڇندا، توهان جہنَّم ۾ ڪنهن سبب جي ڪري داخل ٿيا، حالانڪه اللہ عَزَّوَجَلَّ   جي قسم! اسان ته توهان جي ئي تعليم سان جنَّت ۾ داخل ٿيا آهيون۔ ”ته اهي چوندا، اسان جيڪا ڳالھ ڪندا هئاسين، ان تي خُود عمل نه ڪندا هئاسين۔“ (المعجم الکبير،الحديث:۴۰۵،ج۲۲،ص۱۵۰)

عمل کا ہو جذبہ عطا یا اِلٰہی        گناھوں سے مجھ کو بچا یا اِلٰہی

عبادت میں گزرے مِری زِندگانی         کرم ہو کرم یا خدا یا اِلٰہی

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

رسولِ اڪرم، شاہ ِبني آدم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرۡشاد فرمايو :''ماڻهن کي عِلۡم سيکارڻ ۽ پاڻ کي وِساري ڇڏڻ واري جي مثال ان ڏيئي وانگر آهي جيڪو ماڻهن کي ته روشني ڏيندو آهي، جڏهن ته پاڻ کي ساڙيندو آهي۔“

  (العجم الکبير، الحديث:۱۶۸۱، ج۲،ص۱۶۶)

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بي عمل مُبَلّغ جي لاءِ آخرت ۾ ان کان وڌيڪ خَساري  جي ڳالھ ٻي ڇا ہوندي جو ان جا بيانات ٻُڌي ڪري عمل ڪرڻ وارا ته جنَّت جون اَبَدي نعمتون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ۽ هي خُود عمل نه ڪرڻ جي سبب جہنَّم جي عذاب جو مُسۡتَحِق بڻجي۔ تنهنڪري ہر مُبَلّغ ۽ مذہبي شَخۡصِيت کي گھرجي ته ماڻهن جي نظر ۾ نيڪ بنجڻ جي بجائي، رِضاءِ الٰہي