Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

الله ڪريم ۽ رسول پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي احڪامن جي پيروي ڪنديون آهن پوءِ الله پاڪ انهن جي ذات مان اهڙا خلاف عادت ڪم ظاهر ڪندو آهي جيڪي مخلوق جي هدايت ۽ رهنمائي جو سبب بڻجندا آهن،بيشمار اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی دنيا ۾ تشريف کڻي آيا ۽ پنهنجي ڪرامتن جي ذريعي ماڻهن جي دلين کي سڌي رستي ڏانهن راهه ڏيکاري، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهن اولياءِڪرام مان اسان جا غوث پاڪ به آهن جن جي شان ۽ عظمت نهايت اعلٰي آهي ۽ سندن اولياءِڪرام جا سردار ۽ گهڻين ڪرامتن وارا بزرگ آهن. پاڻ پنهنجي سموري زندگي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نقشي قدم تي هلندي گزاري جيئن ته،

ناني جان جي نقشي قدم تي

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائيندا هئا ته هر هڪ ولي ڪنهن نه ڪنهن جي قدم تي هوندو آهي ۽ مان پنهنجي ناني يعني نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدم تي آهيان، حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جتان قدم کنيومون اتي پنهنجو قدم رکيو پر مان نبوت جي قدم جي جاءِ تي قدم نه ٿو رکي سگهان ڇو ته اهو مقام انبياءِڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي لاءِ خاص آهي ـ

(بہجۃ الاسرار، ذکر کلمات اخبر بہا عن نفسہ …الخ،ص ۵۱)

غوثِ اعظم ہیں شاہِ جیلانی،پیرِ لاثانی،قُطبِ ربانی                 اُن کے عُشاق نے پُکارا ہے،واہ کیا بات غوث ِ اعظم کی

جب کہ دنیا میں مرشِدی آئے،بَطنِ مادَر سے ہی ولی آئے             جان و دل اُن پہ سب نثارا ہے،واہ کیا بات غوثِ اعظم کی

غوث پر تو قدم نبی کا ہے،اُن کے زیرِ قدم ولی سارے             ہر ولی نے یہی پکارا ہے،واہ کیا بات غوثِ اعظم کی

اچو وڏي يارهين شريف جي هن مبارڪ ۽ نوراني رات جون برڪتون حاصل ڪندي پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ سرڪار بغداد،حضورِ غوث پاڪ جي شان ۽ عظمت کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اوهان جي زندگي جي مختلف حالات جون جهلڪيون ملاحظه ڪريو جيئن ته،

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شان