Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
ترغيب به ڏياري ويندي آهي، عُرس جي ڏينهن ۾ صاحبِ مزار جي خِدمت ۾ وڌ کان وڌ اِيصالِ ثواب جا تحفا پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي گڏوگڏ ممڪنه صُورت ۾ صاحبِ مزار بُزرگ جي سَجادہ نشين، خُلَفَا ۽ مَزارن جي مُتَوَلِّي صاحبان سان وقتًا فوقتًا ملاقات ڪرڻ انهن کي دعوتِ اسلامي
جي خدمتن، جامعاتُ المدينه ۽ مدارِسُ المدينه ۽ بيرونِ ملڪ ۾ ٿيڻ وارن مَدَني ڪمن کان آگاھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي۔
اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حُضُور سَيدُنا شيخ عبدُالقادر جيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ہميشه پنهنجي مُبارَڪ فرامين جي ذريعي پنهنجي نانا جان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري اُمَّت جي اِصلاح ۽ تَربِيت فرمائي، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن نيڪ ماڻهن کي نيڪين تي گامزن رہڻ جڏهن ته گُناھ گارن ۽ دُنيا دارن کي دُنيا جي مَحَبَّت کي ڇڏي ڪري عشقِ حقيقيءَ جو جام پيئڻ جو درس ڏنو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي نَظۡرِ وِلايت ۽ فَرامينِ عالِيه سان ڪيترائي ماڻهون راھِ راسۡتۡ تي اچي ويا۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نَفۡساني خواہشن کي ختم ڪرڻ ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت سان وابسته رہڻ ۽ نَفۡس جو علاج تجويز فرمايو، اهڙي طرح پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ہميشه فڪرِ آخرت ۾ سرشار رہڻ ۽ پنهنجي علم تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، نفس ۽ شيطان تي قابُو ڪرڻ جو هڪ طريقو، پنهنجي دل ۾ خوفِ خدا جي شمع روشن ڪرڻ به ٻڌايو ۔
اي ڪاش اسان کي به اللہ عَزَّوَجَلَّ جو خوف نصيب ٿي وڃي ته نيڪيون ڪرڻ ۽ گناھن کان بچڻ نہايت آسان ٿي سگھي ٿو۔ اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد