Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
ٻارنهن مَدَني ڪمن مان روزاني جو هڪ مدني ڪم ”مَدرَسةُ المدينه برائي بالغان“
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بُزرگن جي نَقۡشِ قدم تي هلندي، سُنتن تي عمل ڪرڻ ۽ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ڪمن ۾
اڳتي وڌي ڪري حصّو وٺو۔ دعوتِ اسلامي جي ٻارنهن مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مدرسةُ المدينه برائي بالغان“ به آهي۔ قرآنِ مجيد، فُرقانِ حميد رَبُّ الاَنام عَزَّوَجَلَّ جو مُبارَڪ ڪلام آهي، ان کي پڙھڻ، پڙھائڻ ۽ ٻُڌڻ ٻُڌائڻ سڀ ثواب جو ڪم آهي، پر هي ثواب ان وَقۡت ملندو، جڏهن ته دُرُسۡتۡ تَلفُّظ سان گڏ پڙهيو وڃي، نه ته اڪثر ڪري ثواب جي بجائي ٻانهو عذاب جو مُسۡتَحِق بڻجي ويندو آهي۔ امامِ اہلسُنت، مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”بيشڪ ايتري تجويد جنهن سان تَصحيحِ (تَصۡ۔حِي ۔حِ ) حُروف ٿئي (قواعدِ تجويد جي مطابِق حُرُوف (اکرن) کي دُرُست مخارِج سان اَدا ڪري سگھي) ۽ غَلَط خواني (يعني غلط پڙھڻ) کان بچي، فرضِ عَين آهي۔“ (فتاویٰ رضویہ مُخَرَّجَہ ج۶ ص ۳۴۳) قرآنِ مجيد پڙھڻ، پڙھائڻ باعثِ فضيلت آهي، جيئن ته نبي مُڪرَّم، نُورِمُجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ معظَّم آهي: خَیْرُکُمْ مَنْ تَعَلَّمَ الْقُراٰنَ و َعَلَّمَہٗ۔ يعني توهان مان بہترين شخص اهو آهي، جنهن قرآن سيکيو ۽ ٻين کي سيکاريو۔ (صَحِیحُ البُخارِی ج ۳ ص ۴۱۰ حدیث ۵۰۲۷)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تبليغِ قرآن و سُنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ، دعوتِ اسلامي جي تحت دُنيا جي مختلف ملڪن ۾ بي شمار مَدارِس بنام مَدرَسةُ المَدِينَه برائي بالغان قائم آهن، انهن سڀين مدرسن ۾ فِيۡ سَبِيۡلِ اللّٰه دُرُست تلفّظ سان گڏ قرآنِ پاڪ پڙھايو ويندو، مختلف دعائون ياد ڪرايون وينديون آهن ۽ سنّتون به سيکاريون وينديون آهن. اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مَدۡرَسةُ المدينه برائي بالغان جي برڪت سان ڪيترن ئي اسلامي ڀائرن جي اِصلاح ٿي چڪي آهي۔ اچو ته انهيءَ حوالي سان هڪ ايمان افروز مَدَني بہار ٻڌون ٿا۔