Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
غائب ٿي ويا۔ (بہجۃالاسرار، ص۵۸،از غوثِ پاک کے حالات:۳۳)انهي واقعي کان پوءِ حُضُور غوثِ اعظم، سَيدُنا شيخ مُحِي الدِّيۡن عبدُالقادر جيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ماھِ شَوّالُ الۡمُڪرَّم 521ھ هڪ عظيمُ الشَّان اجتماع ۾
پہريون ڀيرو بيان فرمايو، جنهن ۾ ہيبت ۽ رونق ڀريو پُرڪيف منظر هو، اولياءِ ڪرام ۽ فِرِشتن ان کي ڍڪي رکيو هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ڪتاب ۽ سُنت جي تَصۡريح سان گڏ ماڻهن کي اللہ تبارَڪ وَتَعَالٰي جي طرف گھُرايو ته سڀ ماڻهو اِطاعت ۽ فرمانبرداري جي لاءِ جلدي ڪرڻ لڳا۔
(بہجۃالاسرار، ذکروعظہ ،ص۱۷۴)
لُعاب اپنا چٹایا احمدِ مُختار نے ان کو
توپھر کیسے نہ ہوتا بول بالاغوثِ اعظم کا
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حُضُور غوثِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ اَمِيرُالۡمُؤمِنِيۡن حضرت سَيدُنا عَلي الۡمُرتَضٰي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي ترغيب ڏيارڻ تي ۽ لُعابِ مُبارڪ کان فَيۡض حاصل ڪرڻ بعد پہرين ئي بَيان سان ماڻهن جا دل اوهان جي طرف مائل ٿي ويا ۽ ماڻهن جا ٽولن جا ٽولا اوهان جي صحبتِ بابرڪت کان فيض حاصل ڪرڻ لڳا۔ سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مَحفل ۾ زِندگي جي تمام شُعۡبن سان تَعَلُّق رکڻ وارا ماڻهو شريڪ هوندا هئا، عُلَماء ۽ فُقَہاء سڀ جمع ہوندا هئا، ”غوث پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مجۡلسِ وَعظ جو هي عالَم هو جو هڪ ئي وَقۡت چار چار سو ماڻهون قلم ۽ دواتون (مَس ڪُپڙيون) کڻي ڪري حاضر ہوندا هئا ۽ سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا ملفوظات تحرير ڪندا هئا۔“ (اخبار الاخيار:۱۲)
مُحَرِّر چار سو مجلس میں حاضرہوکےلکھتےتھے
ہوا کرتا تھا جو اِرشادِ والاغوثِ اعظم کا