Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
مُجاہَدو ڪرڻ بي حد ضروري آهي، تنهنجو دوست اهوئي آهي جيڪو بُرائي کان روڪي ۽ تنهنجو دُشۡمن اهوئي آهي جيڪو توکي گمراھ ڪري۔ (الفتح الرباني، 43 مجلس،ص۱۴۰) وڌيڪ فرمائن ٿا: جيستائين نَفۡس نَجاستن ۽ بُري خواہشن کان پاڪ نه ٿيندو ته ان کي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ جو قُرب ڪيئن حاصِل ٿي سگھي ٿو؟ پنهنجي نَفۡس جي خواہشن ۽ اُميدن کي ختم ڪري ڇڏ، تڏهن ئي تنهنجو نَفۡس تنهنجو مُطِيع بڻجندو۔ (الفتح الرباني ،43 مجلس، ص۱۴۰)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي نفس جو چيو مڃڻ ۽ ان جي مقابلي کان غافل ٿي وڃڻ سَراسر بي وقوفي آهي۔ ان لاءِ اسان تي لازمي آهي ته نَفۡس جو مُقابَلو ڪريون ۽ ان کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، ان جون خواہشون گھٽ ڪريون يعني ان جون لَذتون ڇڏرايون، ان کي وڌ کان وڌ عبادتن جي طرف مائل ڪريون. گڏوگڏ ان جي آفتن ۽ شَرارتن کان بچڻ جي لاءِ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ دُعا به ڪندا رهون۔ يقينًا عَقۡلمندي جو تَقاضو به اهو ئي آهي ته دُشمن کي دُشمن سمجھي ڪري ان جو مُقابلو ڪيو وڃي، ان کان لاپَرواھ نه ٿيڻ گھرجي۔ شہنشاھِ خُوش خِصال، پيڪرِ حُسن و جمال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ بي مثال آهي: ”عَقۡلمند اهو آهي جيڪو پنهنجي نَفۡس کي پنهنجو تابعدار بڻائي وٺي ۽ موت کان بعد جي لاءِ عمل ڪري ۽ عاجز (بي وَقُوف) اهو آهي، جيڪو پنهنجي خواہشن تي هلندو هجي ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رحمت جي اُميد به ڪندو ہجي۔
(ترمذی،کتاب صفۃ القیامۃ،باب فی اوانی صفۃ الحوض،۴/۲۰۷،حدیث:۲۴۶۷)
اللہ اللہ کے نبی سے فریاد ہے نَفْس کی بَدی سے
اِیمان پہ مَوت بہتر او نَفْس! تیری ناپاک زِندگی سے
گہرے پیارے پُرانے دِل سوز گُزرا میں تیری دوستی سے
(حدائقِ بخشش: ۱۴۵)