Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
جا فائدا ٻڌائيندي حضرت احمد بن حرب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته نيڪن سان مَحَبَّت ڪرڻ ان جي صحبت ۾ رہڻ ۽ ان جي اَفۡعال واَقۡوال ڏسي ڪري عمل ڪرڻ، انسان جي دل جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ نَفۡعي بخش آهي۔
(تنبیہ المغترین،الباب الاوّل،غیرتہم اذاا نتہکت حرماتہ،ص۴۱)
گناھوں کے امراض سے نِیم جاں ہوں پئے مُرشِدی دے شِفا یاالٰہی
بنادے مجھے نیک نیکوں کا صَدْقہ گناھوں سے ہر دَم بچا یاالٰہی
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
آخِرت جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪريو!
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ رہو، گناھن کان بچو، خُوب خوب نيڪيون ڪريو، دُنيا جي فاني رونقن کان منهن موڙيو ۽ فڪرِ آخرت ڪندي، ان جي تياري ۾ مگن رهو۔ ياد رکو! دُنيا جي حَيثيت هڪ گُذرگاھ (رستي) وانگر آهي، جنهن کي طي ڪرڻ کان پوءِ ئي اسان منزل تائين پہچي سگھون ٿا، هاڻي اها منزل جنّت ہوندي يا جہنَّم! اِن جو اِنۡحِصار ان ڳالھ تي آهي ته اسان هي سفر ڪهڙي طرح طي ڪيو؟ اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِطاعت ۾ طي ڪيو يا اُن جي نافرماني ۾؟ افسوس آهي اُن تي، جيڪو دنيا جي رنگينيون ڏسي ڪري ان جي ڌوڪي ۾ مبُتَلا رهي ۽ موت کان هڪ دم غافِل ٿي وڃي۔
حُضُورِ غوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ خوابِ غفلت کان بيدار ڪندي فرمائن ٿا: اي اللہ عَزَّوَجَلَّ جا ٻانها! پنهنجي اُميدن کي وساري ڇڏ! پنهنجي حرص جي چادر کي ويڙهي ڇڏ! ۽ رُخۡصَت ٿيڻ واري جيان نماز پڙھندو ڪر (يعني ہر نماز کي آخري نماز سمجھي ڪري پڙھندو ڪر!) ياد رک! مومن جي لاءِ هي مُناسِب نه آهي ته اهو ان حال ۾ سمهي جو ان جي تحرير شُدہ وَصيت ان جي سيراندي نه رکيل ہجي۔ (الفتح الرباني،المجلس الثاني والستون ،ص ۲۲۰) يعني غوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اسان کي هي احساس ڏياري رهيا آهن ته موت ڪنهن به وَقۡت اچي سگھي ٿي، ان لاءِ ٻانهو