Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
ٻُڌڻ جو معمول رهيو، ڏاڙھي ڪوڙائڻ يا هڪ مُٺ کا گھٽائڻ جو معمول رهيو، اَلۡغَرَض خُوب گناھن جو بازار گرم رکيو ويو، ته اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ اُن جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضي جي صُورت ۾ سوائي حَسرت ۽ نَدامت جي ڪجھ هٿ نه ايندو۔
دِلاغافِل نہ ہو یک دَم یہ دُنیا چھوڑ جانا ہے بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سَمانا ہے
تُو اپنی مَوت کو مت بُھول کر سامان چلنے کا زمیں کی خاک پر سونا ہے اِینٹوں کا سِرہانا ہے
جہاں کے شَغْل میں شاغِل خُدا کے ذِکْر سے غافِل کرے دعویٰ کہ یہ دُنیا مِرا دائِم ٹِھکانا ہے
غُلامؔ اِک دَم نہ کر غَفْلت حیاتی پر نہ ہو غُرَّہ خُدا کی یاد کر ہر دم کہ جس نے کام آنا ہے
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
خوفِ خدا !
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان حقيقت کان ڪنهن مسلمان جو اِنڪار نٿو ٿي سگھي، ته هن مختصر زندگي کان پوءِ ہر هڪ کي پنهنجي پروردگار عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڪري سڀني عملن جو حِساب ڏيڻو آهي۔ جنهن کان پوءِ رَحۡمتِ الٰہي اسان جي طرف مُتوجھ ٿيڻ جي صُورت ۾ ،جنّت جون اعليٰ نعمتون اسان جو مُقدّر بڻجنديون يا وري معاذاللہ عَزَّوَجَلَّ گناھن جي شامت جي سبب، جہنّم جون ہولناڪ سزائون اسان جو نصيب ٿينديون ۔ تنهنڪري دُنياوي زندگي جي رونقن، مسرتن ۽ رعنائين ۾ گُم ٿي ڪري حِسابِ آخرت جي باري ۾ غَفۡلت جو شڪار ٿي وڃڻ يقينًا ناداني آهي۔ ياد رکو! نَجات انهيءَ ۾ آهي ته اسان رَبِ ڪائنات عَزَّوَجَلَّ ۽ اُن جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي احڪامن تي عمل ڪندي، پنهنجي لاءِ نيڪين جو ذخيرو جمع ڪريون ۽ گناھن جي اِرۡتڪاب کان پرہيز ڪريون۔ ان مَقصدِ عَظيم ۾ ڪاميابي جي لاءِ دل ۾ خوفِ خدا جو ہئڻ بي حد ضَروري آهي۔ ڇو جو جيستائين هيءَ نعمت حاصل نه ٿيندي، گناھن کان فرار ۽ نيڪين سان پيار