Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

 پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مَواعظِ حَسَنه (چڱين نصيحتن)، صَبۡر و رِضا، زُہۡد و تَقويٰ ۽ خوفِ خُدا جا آئينه دار ہئا، پنهنجي وَعظ ۽ نصيحت جي ذريعي مَحَبَّت ۽ اُخُوَّت جو دَرۡس ڏيندا هئا، ماڻهن کي آٓخِرت جي طرف مُتَوجھ ڪندا هئا، حُبّ جاھ ومال،نِفاق،رِياڪاري،بُغۡض ۽ ڪيني سميت تمام باطني بيمارين کان بچڻ جو درس ڏيندا هئا، جڏهن ته دُنيا جي بي ثَباتي؟، ايمان تي پُخۡتَگي، اعمالِ صالحه (چڱن عملن) جي اَہَميت ۽ ڪامل اَخۡلاق کي اپنائڻ جي ترغيب به ڏيندا هئا، سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا فرامينِ مُقدَّسه دل مان نڪرندا ۽ دل ۾ گھر ڪري ويندا هئا۔ شيخ عَبۡدُالحق محدّثِ دہلوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِرشاد فرمائن ٿا: حضرت شيخ (عبدُالقادر جيلاني) رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ڪا محفل اهڙي نه ہوندي هئي، جنهن ۾ غير مُسلم، اوهان جي دَسۡتِ حق پرست تي دولتِ ايمان کان مُشرف نه ٿيندا هجن ۽ نافرمان، ڌاڙيل، گمراھ ۽ بدمَذہب ماڻهون سندن جي ہٿ تي تائِب نه ٿيندا هجن۔ جڏهن پنج سو (500) کان وڌيڪ غير مُسلم ۽ لکين سياھ ڪار سندن جي هٿ تي تائب ٿي چڪا ۽ پنهنجي بداَعمالين کان باز اچي چڪا هئا ته ٻين ماڻهن جي (تعداد) جي  باري ۾ ڇا ٿو چئي سگھجي؟ (ہر هڪ توهان جي فرامينِ مُبارڪه کان مُسۡتَفِيد ٿيندو هو) (اخبارالاخيار:۱۳) اَمْرٌ بِالْمَعرُوف وَ نَہی عَنِ الْمُنْڪر يعني نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ جي مُعاملي ۾ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عملدارن جي پرواھ نه ڪندا هئا ۽ خليفن، وزيرن، سَلاطين ۽ عوام ۽ خواص سڀني کي نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا، حضرتِ سَيدُنا امام شمسُ الدّين محمد بن احمد ذہبي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: شيخ عبدُا لقادر جيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بر سرِ منبر اعلانِ حق فرمائيندا هئا ۽ جيڪو ڪنهن ظالم کي ماڻهن تي حاڪم بڻائي، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان تي اعتراض ڪندا هئا۔ (تاريخ الاسلام للذہبي:۳۹/۹۹)