Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

جي خاطِر پنهنجي علم تي عمل جي ڪوشش جاري رکي ۽ ٻين کي به نيڪي جي دعوت ڏيڻ گھرجي۔

سُنّتوں کی کروں خوب خدمت            ہر کسی کو دُوں نیکی کی دعوت

نیک میں بھی بنوں اِلْتِجا ہے               یاخدا تجھ سے میری دُعا ہے

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

انسان جو حقيقي دُشمن!

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نَفۡس ۽ شيطان، اِنۡسان جا حقيقي دُشۡمن آهن۔ ان مان نَفۡس ته شيطان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڇو ته انهيءَ شيطان جي اِيمان کي به برباد ڪري ان کي اَبَدِي لَعۡنَتن جو مُسۡتَحِق ڪري ڇڏيو۔ حُجَّةُ الۡاِسۡلام حضرت سيدُنا امام مُحمَّد غَزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  فرمائن ٿا: ”نفس جون گھڻيون ئي معنٰي آهن: (ان مان هڪ هي آهي ته) نفس ان کي چوندا آهن: جيڪو انسان ۾ شہوت ۽ غُصّي کي اُڀاريندو آهي۔ صُوفياءِ ڪرام ان لَفۡظ کي اڪثر اِسۡتعمال ڪندا آهن، ڇو جو ان جي نزديڪ نَفۡس مان مُراد انسان ۾ مَذمُوم (بُريون) صِفتون جمع ڪرڻ واري قُوَّت آهي۔“ (احياء العلوم ، ۳/۵) 

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنهن پنهنجي نفس جي پيروي ڪئي، نفس ان کي تباہي ۽ بربادي جي کَڏ ۾ پہچائي ڇڏيو۔ نَفۡس جي ہلاڪتن کان بچڻ جو طريقو بيان ڪندي سرڪارِ بغداد، حُضُورِ غوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: نَفۡس بُرائي جو ئي مشوَرو ڏيندو آهي، هي ان جي فطرت آهي، هڪ مُدّت کان پوءِ هي اِصۡلاح پذير ٿيندو، تو تي لازِم آهي ته ہر وَقۡت نَفۡس سان مُجاہَدو ڪندا رهو! (يعني ان جي مُخالَفت تي هر وقت تيار رہو) (الفتح الرباني،43 مجلس،۱۳۹، ملتقطاً) هڪ ٻي مقام تي اِرشاد فرمائن ٿا: پنهنجي نفس کي ہميشه چوندا رہو ته تنهنجي نيڪ ڪمائي توکي فائدو ڏيندي ۽ تنهنجي بُري ڪمائي تنهنجي لاءِ وَبال ثابت ٿيندي، ڪو ٻيو توسان گڏ نه عمل ڪندو ۽ نه ئي پنهنجي عملن مان ڪجھ ڏيندو۔ (اي ٻانها ياد رک!) نيڪ عملَ ڪندو رهجان ۽ نفس سان