Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

ويهارڻ ۽ گناھن کان پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ توبھ جي فضيلت تي  ٻه فرامين ِ مُصطفٰي ٻُڌون:

1. ”سڀ انسان خَطاڪار آهن ۽ خطاڪارن ۾ بہتر اُهي آهن، جيڪي توبھ ڪري وٺندا آهن۔“  (سنن ابن ماجہ، کتاب الزھد، باب ذکر التو بہ، رقم ۴۲۵۱ ،ج۴، ص ۴۹۱)

2.”جيڪو ان ڳالھ کي پسند ڪندو آهي ته ان جو نامهء اعمال ان کي خُوش ڪري، ته ان کي گھرجي ته ان ۾ اِسۡتِغۡفار جو اِضافو ڪري۔“ 

(مجمع الزوائد ،کتاب ، التوبۃ ، باب الاکثار من الا ستغفار ،رقم ۱۷۵۷۹، ج۱۰، ص ۳۴۷)

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

مجلسِ مزاراتِ اولياء:

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ السَّلَام جي بيان ڪيل فرامين کي ٻُڌي ڪري توبھ جي توفيق  ملندي آهي، انهن جي سيرتِ مُبارَڪه کي پڙھي ڪري نَفۡسِ اَمَّارَہ کي قابُو ڪرڻ جي ہمّت پيدا ٿيندي آهي ۽ عبادت ۽ اِطاعت واري زِندگي گذارڻ جو ذِہۡن بڻجندو آهي۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي تحت ماڻهن جي دِلين ۾ اولياءُاللہ جي محبت ۽ عقيدت وڌائڻ جي لاءِ هڪ شُعۡبو مزاراتِ اَوۡليا قائم آهي۔ ان شعبي جي تحت ٻين مدني ڪمن سان گڏوگڏ بُزرگانِ دين جي مزارن تي حاضر ٿي ڪري مختلف دِيني خدمتون سَراَنۡجام ڏيڻ مثلاً وَس آهر صاحبِ مزار جي عُرس جي موقعي تي اِجتماعِ ذڪر و نعت جو اِنۡعقاد ڪرڻ، مزارن سان مُلۡحِقه (گڏيل) مسجِدن ۾ عاشِقانِ رسول جا مَدَني قافلا سفر ڪرائڻ ۽ بالخصوص عُرس جي ڏينهن ۾ مزار شريف جي احاطي ۾ سنّتن ڀريا مَدَني حلقه لڳائڻ جو سلسلو ہوندو آهي، جنهن ۾ وُضو، غسل، تيّمم، نماز ۽ ايصالِ ثواب جو طريقو، مزارن تي حاضريءَ جا آداب ۽ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون سُنتون سيکاريون وينديون آهن گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ہفتيوار سُنتن ڀريي اجتماعن ۾ شرڪت، مدني قافلن ۾ سفر ۽ مدني انعامات تي عمل جي