Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

سو (500) کان گهڻن غير مسلمانن اسلام قبول ڪيو ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ڊاڪو، چور، فاسق ۽ فجّار، فسادي ۽ وڏن وڏن گناهه ڪرڻ وارن توبهه ڪئي ـ (بہجۃالاسرار،ذکروعظہ،ص۱۸۴) اسان جي غوث پاڪ جي شان اها هئي جو پاڻ علم جا سمندر هئا ـ اوهان تي سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو خاص ڪرم هو، اچو ته! انهيءَ متعلق ۾ هڪ دِلچسپ واقعو  ٻُڌون۔

لُعابِ رسول  جي برڪت:

منقول آهي ته حضرت سَيِّدُنا  شيخ عبدُالقادر جِيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪرسي تي ويهي فرمائي رهيا هئا ته مون حُضُور سيدِعالَم، نُورِمجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زِيارت ڪئي ته حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مون کي فرمايو: پُٽ! تون بَيان ڇو نه ٿو ڪرين؟ مون عَرۡض ڪيو: اي منهنجا نانا جان (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)! آئون هڪ عجمي مرد آہيان، بغداد ۾ فُصَحاء (بهترين ڪلام ڪرڻ وارن) جي سامهون بيان ڪيئن ڪريان؟ سَرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مون کي فرمايو: پُٽ! پنهنجو وات کول! مون پنهنجو وات کوليو، ته حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن منهنجي وات ۾ ست (7) ڀيرا پنهنجو لُعابِ مُبارڪ وِڌو ۽ مون کي فرمايو: ماڻهن جي سامهون بيان ڪندو ڪر ۽ انهن کي پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ   جي طرف عُمدہ حڪمت ۽ نصيحت سان گُھراءِ! ٻيهر مون نمازِ ظُہۡر اَدا ڪئي ۽ ويهي رهيس، مون وٽ ڪيترائي ماڻهو آيا ۽ مون کي وڏي آواز سان چَوڻ لڳا، ان کان پوءِ مون اَمِيۡرُالمؤمنين حضرت سيدُنا عَلي الۡمُرتَضٰي، شَيرِ خدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي زِيارت سان مُشرَّف ٿيس، پاڻ فرمايائون: پُٽ! تون بَيان ڇو نه ٿو ڪرين؟ مون عَرۡض ڪيو: اي منهنجا والد! ماڻهو مون سان وڏي آواز سان ڳالهائن ٿا۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: پنهنجو وات کول! مون پنهنجو وات کوليو، ته پاڻ منهنجي وات ۾ ڇھ (6) ڀيرا لُعاب وڌو، مون عَرۡض ڪيو ته توهان ست (7) ڀيرا ڇو نه وڌو؟ پاڻ  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: رَسُوۡلُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ادب جي سبب۔ پوءِ اُهي منهنجي اکين جي سامهون کان